ڪراچي-09 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي پر هاڻي ان کي مثالي بڻائڻ جو وقت آهي. اهڙواظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ ترقي ماڻيندڙ گريڊ 20 ۽ 21 جي سينئر پوليس آفيسرن لاءِ رينڪ لڳائڻ جي هڪ پروقار تقريب جي صدارت دوران ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير سينيئر پوليس آفيسرن کي خطاب ڪندي چيو ته اها رڳو ترقي نه آهي پر اوهان جي ذميوارين ۾ واڌ آهي.هن چيو ته مون کي اوهان کان ايمانداري، سچائي ۽ پيشيواڻي عزم جي اميد آهي. وڏي وزير چيو ته هتي پهچڻ لاءِ 20 کا 22 سال جي محنت ۽ ايمانداري گهربل هوندي آهي. اها ڪاميابي اوهان لاءِ ۽ اوهان جي خاندان لاءِ فخر جو لمحو آهي. انھيءَ موقعي تي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار به آفيسرن کي واڌايون ڏنيون ۽ سندن خدمت جي واکاڻ ڪئي. وڏي وزير ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرلز (اي آءِ جيز) ۽ ڊپٽي انسپيڪٽر جنرلز (ڊي آءِ جيز) کي سندن رينڪز لڳايا ۽ انهن جي خدمت، ايمانداري ۽ عزم جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، گھرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، سيڪريٽري ٽو سي ايم رحيم شيخ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو ۽ ٻين سينئر پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي ۽ ترقي ماڻيندڙ آفيسرن جا گھرڀاتي به موجود هئا. گريڊ 21 ۾ ترقي ماڻيندڙ آفيسرن ۾ ذوالفقار لاڙڪ، شرجيل کرل، آزاد خان ۽ اقبال دارا شامل ھئا، جڏھن تھ گريڊ 20 ۾ ترقي ماڻيندڙ آفيسرن ۾ جنيد شيخ، عمران شوڪت، عباس رضوي، شيراز نذير، شوڪت کٽياڻ ۽ شاد ابنِ مسيح شامل ھئا.