اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) ترڪيه جو پرڏيهي وزير حاقان فيدان ۽ قومي دفاع وارو وزير ياشار گلر ڪامياب دوري جي تڪميل کانپوءِ اسلام آباد کان روانا ٿي ويا. پرڏيهي وزارت پاران جاري پڌرائي موجب ان دوري پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانستان ۽ اوڀر ايشيا) سفير سيد علي اسد گيلاني وزيرن کي ايئرپورٽ تي رخصت ڪيو.