اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي اهم ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي وفاقي وزيرن پنهنجن وزارتن وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ قومي ورثي جي تحفظ ۽ واڌ ويجهه لاءِ جديد سائنسي ۽ تعليمي طريقن کي اختيار ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت طرفان گذريل ڏينهن جاري پڌرائيءَ موجب ملاقات دوران اورنگزيب خان کچي زور ڀريو ته پاڪستان جا ثقافتي ۽ تاريخي اثاثا نه صرف ماضيءَ جون نشانيون آهن پر اهي قومي يڪجهتي ۽ نئين نسل جي تعليم ۽ تربيت ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن چيو ته ثقافتي ورثو نه صرف محفوظ ڪرڻ جي شيءِ آهي پر هڪ تعليمي وسيلو پڻ آهي جيڪو اسان جي سُڃاڻپ کي نسل در نسل منتقل ڪري ٿو. ان موقعي تي خالد حسين مگسي چيو ته ٽيڪنالاجي جي اثرائتي استعمال اسان پنهنجي ورثي کي بهتر طريقي سان محفوظ ڪري سگهون ٿا ۽ نئين نسل تائين پهچائي سگهون ٿا. اهي قدم نه صرف علمي ترقيءَ جو ذريعو بڻجندا پر پاڪستان جي تهذيبي بنيادن کي وڌيڪ مضبوط ڪندا. ان مقصد لاءِ ٻنهي وزيرن هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ جي قيام جو فيصلو جيڪو عمل جوڳن منصوبن جي نشاندهي ڪندو، ٻنهي وزارتن وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائيندو ۽ عملي قدمن جي نگراني ڪندو. اها ڀائيواري پاڪستان حڪومت جي ان ويزن جي نمائندگي ڪري ٿي جنهن تحت هڪ ترقي يافته، باشعور ۽ ورثي سان جڙيل قوم جي جوڙجڪ ممڪن بڻائي سگهجي ٿي.