اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي پهرين 10 ساله قومي ماهيگيري ۽ پاڻي پوک پاليسي ملڪ ۾ خوراڪ جي تحفظ، پائيدار ترقي ۽ بليو اڪانامي کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي. گذريل ڏينهن سامونڊي معاملن واري وزارت طرفان ماهيگيري پاليسي جي ڊرافٽ بابت تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ماهيگيري ۽ پاڻي پوک جي شعبي لاءِ هڪ منظم، مربوط ۽ عقلمنداڻي پاليسي جوڙي وئي آهي جيڪا نه صرف وزيراعظم جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿي پر قومي معيشت، خوراڪ جي تحفظ ۽ پائيدار ترقيءَ لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪندي. وفاقي وزير چي ته ماهيگيري ۽ پاڻي جي پوک جو شعبو ڊگهي عرصي کان نظرانداز ٿيندو رهيو آهي، جيتوڻيڪ اهو هڪ اهم معاشي ۽ معاشرتي حيثيت رکي ٿو. هن وقت ان شعبي جو ڊي پي ۾ حصو 0.5 سيڪڙو کان به گهٽ آهي، جيڪو ان جي اصل صلاحيت کان تمام گهٽ آهي. هن ٻُڌايو ته پاليسيءَ جي تياريءَ دوران وفاق ۽ صوبن وچ ۾ هم آهنگي کي مُک اهميت ڏني وئي آهي ۽ اها پاليسي سمورين ڌُرين جي صلاح مشوري ۽ سهڪار سان جوڙي وئي آهي، اسان پاليسي کي صرف هڪ دستاويز نه پر هڪ جامع فريم ورڪ سمجهون ٿا جنهن جي ڪاميابي سمورين ڌُرين جي عملي ڀائيواريءَ تي دورامدار رکي ٿي. جنيد انور چوڌري ان ڳالهه تي زور ڀريو ته نئين پاليسيءَ ۾ ماحولياتي تحفظ، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي مُنهن ڏيڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي به شامل ڪيو ويو آهي. هن ٻُڌايو ته وزارت عورتن، ٻارن ۽ پورهيتن جي حقن جي تحفظ کي ان پاليسيءَ جو لازمي جُز قرار ڏئي ٿي. هن چيو ته سامونڊي غذا جي روانگي واپار کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ وزارت سنجيدگيءَ سان ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن پاڪستان ان شعبي مان وڌيڪ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري سگهي. وفاقي وزير مڇين جي نقصان تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته گوادر ۾ وڏي مقدار ۾ مڇي ضايع ٿي رهي آهي جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسان کي اجتماعي قدمن جي ضرورت آهي. هن ٻُڌايو ته گذريل ڏينهن چيني وفد سان به ان مسئلي تي ڳالهيون ٿيون آهن. هن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته فشر مين اسان جي معيشت جو اهم حصو آهن، اسان انهن مان سکي رهيا آهيون، ان جو تجربو ۽ علم ان پاليسيءَ جي ڪاميابيءَ ۾ مک ڪردار ادا ڪندو. جنيد انواسر چوڌري چيو ته وزارت جو سڀ کان پهريون فوڪس بلوچستان جي ماهيگيرن تي آهي جيڪي گوادر پورٽ جي ڪامياب ڪارڪردگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن آخر ۾ چيو ته اها پاليسي پاڪستان جي بليو اڪانامي کي نئين جدت ڏيندي ۽ ملڪ ۾ روزگار، خوراڪ ۽ جٽادار ترقيءَ جا دروازا کوليندي.