اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ تيز برسات سبب مري، گليات، مانسهره، ڪوهستان، ايبٽ آباد، بونير، چترال، دير، سوات، شانگله، نوشهره، صوابي، مردان، اسلام آباد، راولپنڊي، ڊي جي خان، اتر اوڀر پنجاب، ڪشمير ، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان (بارکان، ڪوهلو، موسيٰ خيل، ڊيره بگٽي، نصير آباد، سبي، لورالائي، زوب، قلات، خضدار، آواران، لسٻيلو، پنجگور، تربت) جي مقامي/ وسندين ۾ موجود واهن ۾ چاڙهه اچڻ سبب ٻوڏ جو خدشو آهي. شديد برسات سبب خيبر پختونخوا، مري، گليات ۽ ڪشمير ۾ لينڊ سلائيڊنگ سب ٽريفڪ جي اچ وڃ متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي. شديد برساتن سبب اسلام آباد/ راولپنڊي، گوجرانواله، لاهور، سيالڪوٽ، سرگوڌا، فيصل آباد، نوشهره ۽ پشاور جي هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو انديشو آهي ۽ عوام کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي مطابق اڄ خميس تي اسلام آباد، پنجاب، خيبر پختونخوا، اتر اوڀر بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو به امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب، اسلام آباد، خيبر پختونخوا ۽ ڪشمير ۾ گجگوڙ سان برسات پئي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز برسات به ٿي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد نوڪنڊي ۾ 46، دالبندين ۾ 45، دادو ۾43 ۽ سبي ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.