اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير محمد اورنگزيب کچي سان گذريل ڏينهن پاڪستان ۾ ازبڪستان جي سفير علشر تختايوف ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو ويو. ازبڪ سفير، وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو ٿورو ادا ڪيو ته هن 26 کان 28 مئي تي سمرقند ۾ رٿيل تقريبن ۾ شرڪت ڪئي، جتي سمرقند کي اسلامي دنيا جو ثقافتي گاديءَ وارو هنڌ قرار ڏنو ويو هو. هن چيو ته اوهان جي شرڪت ان موقعي کي خاص اهميت ڏني ۽ پاڪستان جي مسلم دنيا ۾ ثقافتي ڳالهين کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ظاهر ڪيو. سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون، جن ۾ پاڪستان ۾ ازبڪ فلمي ڏينهن ملهائڻ، ٻنهي ملڪن ۾ ثقافتي ڏينهن جو بندوبست، آگسٽ 25ع ۾ تاشقند ۾ اسلامي تهذيب جي مرڪز جي افتتاح ۾ پاڪستان جي شرڪت ۽ ڪراچي ۽ لاهور جي عجائب گهرن ۾ نوادرات جي نمائش شامل آهي. هن بابر شاهي عهد تي گڏيل علمي ڪانفرنس، بابر تي دستاويزي فلمن جي تياري، اسلامي نسخن جي تحفط، اردو ۽ ازبڪ ڪلاسيڪي ادب (خاص طور تي عالمه اقبال ۽ علي شير نوائي جي ڪم) جا ترجما ۽ گڏيل تاريخي شخصيتن ۽ تهذيبي سنگ ميلن جي ياد ملهائڻ جي حوالي سان سهڪار جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. سفير اسلام آباد ۽ تاشقند وچ ۾ سڌيءَ ريت اُڏامن کي ثقافتي ۽ واپاري رابطن کي هٿي وٺرائڻ جو اهم ذريعو قرار ڏنو ۽ ويزا جي آسان طريقيڪار جي تعريف ڪندي ٻنهي ملڪن جي عوام کي هڪٻئي جي ثقافتي ورثي کان روشناس ڪرائڻ لاءِ سفر جي ترغيب ڏني. وفاقي وزير محمد اورنگزيب ازبڪ حڪومت جي مهمان نوازي ۽ سمرقند ۾ شاندار ثقافتي تقريبن تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان 2021ع جي ختم ٿيل مفاهمتي يادداشت کي ٻيهر تجديد ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اسان ازبڪستان سان نَون معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ته جيئن گڏيل سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي. ان موقعي تي قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن جي سيڪريٽري پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ چيو ته ماهوار اجلاسن ذريعي ثقافتي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. سفير پاڪستاني موسيقي، فني ۽ خاص طور تي لوڪ ميله ورثي ۾ پيش ڪيا ويا، پاڪستاني کاڌن کي شاندار قرار ڏيندي ساراهيو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي طرفان انهن تجويزن کي عملي جامو پهرائڻ ۽ ثقافتي سفارتڪاري کي پاڪستان- ازبڪستان اسٽريٽجڪ ڀائيواري جو اهم ٿنڀ بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.