ابوظهبي-09 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي ۽ ناڻي بابت مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم جي ڊليوري يونٽ جي سربراهه بلال اظهر ڪياني جيڪو گڏيل عرب امارت جي دؤري تي هڪ اعليٰ سطحي وفد جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، گذريل ڏينهن ابوظهبي ۾ يو اي اي جي مالي معاملن بابت مملڪتي وزير محمد بن هاد الحسيني سان ٻه طرفي ملاقات ڪئي. هي دؤرو يو اي اي جي حڪومت ”ايڪسپيرينس ايڪسچينج پروگرام“ تحت ٿي رهيو آهي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻي ۽ مضبوط اقتصادي ڀائيواريءَ تي زور ڀريو ويو ۽ بهتر طرزِ حڪمراني ۽ پاليسي ڊزائين لاءِ منظم علم جي ڏي وٺ جي اهميت کي ورجايو ويو. مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني پاڪستان طرفان يو اي اي جي مسلسل مالي معاونت تي گهري قدر جو اظهار ڪيو جنهن پاڪستان جي معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ٻنهي وزيرن مالياتي نظم و نسق جي اهم پهلوئن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي جن ۾ بجيٽ سازي جي طريقيڪار، عوامي مالياتي نگراني ۽ ٽيڪس سڌارا شامل هئا. ڌُرين پنهنجي پنهنجي ملڪن جي تجربن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اداره جاتي سگهه ۾ واڌ ۽ بهتر طرزِ حڪمراني لاءِ درپيش چئلينجز ۽ موقعن جي نشاندهي ڪئي. بلال اظهر ڪياني پاڪستان جي عوامي شعبي جي مالياتي سڌارن جي ايجنڊا تي پڻ روشني وڌي ۽ يو اي اي جي ڊجيٽل ماڊل مان سکڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سڌارتي ايجنڊا تي ڳالهه ڪئي، جنهن جو محور اِي ڪامرس، ڊجيٽلائيزيشن ۽ مسلسل ميڪرو اڪناڪ استحڪام آهي. وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته وزيراعظم جي مضبوط قيادت ۽ پرعزم ويزن پاڪستان کي معاشي استحڪام جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۽ـ پائيدار ترقيءَ جي بنياد رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اها ملاقات 16 جون 25ع تي پاڪستان جي رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وزارت ۽ يو اي اي جي ڪابينه جي معاملن واري وزارت وچ ۾ صحيح ٿيل مفاهمت جي يادداشت (ايو او يو) جي روح جي عڪاس هئي جيڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ باقاعده تعاون جو فريم ورڪ فراهم ڪري ٿي. هي معاهدو جديد طرزِ حڪمراني، اداره جاتي سگهه ۽ مستقبل جي ضرورتن سان هم آهنگ عوامي نظام انتظاميه جي ترقيءَ لاءِ گڏيل عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي. ملاقات ۾ يو اي اي ۾ پاڪستان جو سفير فيصل نياز ترمذي به شريڪ هئا. مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني جي اڳواڻيءَ ۾ 8 رڪني وفد ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر علي زاهد ۽ وزيراعظم آفيس ۽ ٻين ادارن جي سينيئر عملدارن به شرڪت ڪئي.