اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان نوجوانن کي راندين ذريعي قومي ترقيءَ ۾ شامل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريندي تيارين کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گذريل ڏينهن وزارت مان جاري بيان موجب وزيراعظم يوٿ پروگرام نوجوانن جي ترقي جي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي ٻن اهم سرگرمين جو بندوبست ڪيو. هڪ طرف وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم جي يوٿ پروگرام ۽ ”اينيبلرز“ وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحيون ڪيون ويون، ٻي طرف نيشنل يوٿ گيمز بابت ٻيو اعليٰ سطحي اجلاس بين الصوبائي رابطن ۾ منعقد ٿيو. ٻنهي اجلاسن جي صدارت رانا مشهود احمد خان ڪئي، جنهن ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي اهم عهديدار ۽ ڀائيوار شريڪ هئا. وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم جي يوٿ پروگرام ۽ اينيبلرز وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي باضابطه شڪل ڏني وئي جنهن جو مقصد 4 ايز فريم ورڪ تعليم، روزگار، شموليت ۽ ماحول تحت نوجوانن لاءِ موقعن ۾ سگهه پيدا ڪرڻ آهي. ان ڀائيواريءَ تحت اينيبلرز نوجوانن جي مهارت سازي، انٽرن شپس، ملازمتن جا موقعا فراهم ڪندي ۽ وزيراعظم جي ڊجيٽل يوٿ حب ذريعي ان ڄاڻ کي نوجوانن تائين پهچائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. ٻنهي ڌُريون ”ينگ انٽرپرينيور فيسٽ“ جي بندوبست ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو جيڪو نوجوان ڪاروباري ماڻهن کي پنهنجا خيال پيش ڪرڻ ۽ صنعت جي ماهرن کان سکڻ جا موقعا فراهم ڪندو. ان ڀائيواريءَ تحت عورتن کي بااختيار بنائڻ لاءِ اسڪالرشپس، رهنمائي وارا پروگرام ۽ قائداڻي صلاحيتون وڌائڻ وارا قدم کنيا ويندا. ٻئي ادارا گڏيل برانڊنگ، سوشل ميڊيا مهم ۽ عوامي آگاهيءَ ذريعي وزيراعظم جي يوٿ پروگرام جي مختلف قدمن کي سڄي ملڪ تي اجاگر ڪنداسين. ساڳئي ڏينهن نيشنل يوٿ گيمز جي حوالي سان ٻيو اعليٰ سطحي اجلاس بين الصوبائي رابطن واري وزارت ۾ منعقد ٿيو، جيڪو ان ايونٽ جي تياريءَ جي حوالي سان پهريون اجلاس مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ترتيب ڏنو ويو هو. اهي گيمز وزيراعظم جي يوٿ پروگرام ۽ پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن جي سهڪار سان سيپٽمبر 25ع ۾ منعقد ٿيندا، جن ۾ 14 کن 17 سالن جي عمر جا نوجوان 15 کان وڌيڪ راندين ۾ حصو وٺندا. هي پاڪستان ۾ 1948ع کان پوءِ پهريون ڀيرو قومي سطح جو اهڙو يوٿ اسپورٽس ايونٽ هوندو. اجلاس ۾ رانديگرن جي چونڊ، علائقائي مقابلي جي ترتيب، ماڳن جي تياري، بين الاداره جاتي سهڪار ۽ ٻين اهم انتظامي پهلوئن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن وارو سيڪريٽري محي الدين، جنرل پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري محمد خال محمود، سمورن صوبن جا ڊائريڪٽرز جنرلز، هائر ايجوڪيشن ڪميشن، نيوٽيڪ ۽ـ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شفافيت، ميرٽ ۽ برابري وارن موقعن تي خاص طور ڀريو ويو. رانا مشهود احمد خان نوجوانن کي راندين ذريعي قومي ترقيءَ ۾ شامل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ تيارين کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڏني.