ڪراچي-09 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٻوڏ متاثر علائقن جي ھارين لاءِ  ھڪ وڏي خوشخبري جو اعلان ڪندي چيو آھي ته سنڌ سرڪار 2022ع جي ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ھارين جي امدادي فنڊن ۾ واڌ ڪئي آھي، ھن پيڪيج ۾ فصلن کي نقصان جو معاوضو، ٻج جي فراھمي، ۽ متاثر ٿيل زمينن جي بحالي جي لاءِ مالي مدد شامل آھي. جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ھارين جي لاءِ امدادي فنڊز ۾ واڌ سنڌ فلڊ ريھيبلٽيشن پروگرام جو حصو آھي، جيڪو اڳواٽ ئي دُنيا جو سڀني کان وڏو ڊزاسٽر ھائوسنگ پروگرام قرار ڏنو ويو آھي. ھن چيو تھ سنڌ ڪابينا سکر ۽ حيدر آباد ۾ نوان صنعتي زون قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني آھي جيڪي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت ٺاھيا ويندا، حيدرآباد ۾ 951 ايڪڙ ايراضي سنڌ اڪنامڪ زون مينيجمينٽ ڪمپني کي منتقل ڪئي ويندي، جنھن سان صوبي ۾ 55 ھزار کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ معيشت کي نئين راھ ملندي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو تھ سنڌ ڪابينا ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي لاءِ 10.56ارب رُپين جو بنا وياج جي قرض بھ منظور ڪيو آھي، جنھن تحت ڊملوٽي  کان ڊي ايڇ اي تائين 36 ڪلوميٽر ڊگھي پائيپ لائن وڇائي ويندي، ھن منصوبي ذريعي پاڻي جي شديد بحران تي ضابطو آڻي سگھبو ڇاڪاڻ تھ ھن وقت ڊي ايڇ اي کي روزانو 15 اي جي ڊي پاڻي گھربل آھي جڏھن تھ رڳو 5 ايم جي ڊي پاڻي فراھم ٿي رھيو آھي، منصوبي ۾ پمپنگ اسٽيشن، فلٽريشن پلانٽ ۽ ريزروائر جي تعمير بھ شامل آھي ۽ اُن کي 11 مھينن اندر مڪمل ڪرڻ جو ھدف مقرر ڪيو ويو آھي.ھن چيو تھ ڪابينا سنڌ بينڪ سان مفاھمي يادداشت جي بھ منظوري ڏني آھي تھ جيئن بينظير ھاري ڪارڊ کي جلد کان جلد فعال بڻائي سگھجي، ھن ڪارڊ ذريعي ھارين کي زرعي لاڳت تي سبسڊي، آسان قرض ۽ آفتن کان بچڻ لاءِ مالي مدد فراھم ڪئي ويندي، ھن وقت تائين 2 لک 37 ھزار کان وڌيڪ ھاري رجسٽرڊ ٿي چُڪا آھن، جڏھن تھ 88 ھزار 871 درخواستن جي تصديق مڪمل ٿي چُڪي آھي.شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار عوام جي فلاح ۽ بھبود ۽ ترقي جي لاءِ عملي قدم کڻي رھي آھي، عوامي مسئلن جو حل ۽ شفاف گورننس سنڌ سرڪار جي اوليتن ۾ شامل آھي.