ڪراچي-09 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڪراچيءَ ۾ مقرر چيني قونصل جنرل يانگ يونڊونگ وزيراعليٰ ھائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ چين جي دوري کان اڳ گڏيل اسٽريٽجڪ شراڪت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ تفصيلي ڳالهيون ڪيون. وڏي وزير چيو ته هو صوبي جي وڏي وزير جي حيثيت ۾ سيپٽمبر ۾ چين جو دورو ڪندو، جتي ھُو سنڌ حڪومت جا مختلف پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) رٿائون پيش ڪندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت اسپيشل اڪنامڪ زونز قائم ڪري رهي آهي، جتي چين جي سيڙپڪاري انتهائي فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿي. وڏي وزير سي پيڪ رٿائن ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) بابت اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڪي سي آر رٿا تي عملي طور تي ڪم ڪيو وڃي ته جيئن ڪراچي جي شھرين کي سفر جون بھتر سهولت حاصل ٿي سگھن. وڏي وزير چيو تھ ڪراچيءَ ۾ پاڻي جي صفائي (واٽر ٽريٽمينٽ) ۽ سامونڊي پاڻي کي مٺو بڻائڻ لاءِ پلانٽس جون رٿائون پڻ چين جي سيڙپڪارن کي آڇ ڪيون وينديون. سيد مراد علي شاهه خصوصي ماڻهن لاءِ ڪراچي ۾ “انڪليوسو سٽي” جي تعمير لاءِ به چيني سهڪار جي آڇ ڪئي، جيڪو پاڪستان ۾ هڪ ماڊل ادارو هوندو. هن چيو ته شنگھائي ۽ سنڌ حڪومت سان ڀائيواريءَ ذريعي چين جي تجربي مان فائدو وٺي سگهجي ٿو ته جيئن خصوصي ماڻھن کي معاشري ۾ مرڪزي جاءِ ملي. وڏي وزير صحت، پاڻي جي وسيلن ۽ زرعي ترقيءَ جھڙن شعبن ۾ پي پي پي ماڊل تحت چين سان شراڪت قائم ڪرڻ تي زور ڀريو. هن هائبرڊ ٻجن، جيڪي گهٽ پاڻي سان وڌيڪ پيداوار ڏين ۽ ماحول دوست ميون ۽ ڀاڄين لاءِ به چين جي سھڪار جي خواھش ظاھر ڪئي. هن سيڙپڪاري واري کاتي کي هدايت ڪئي ته چين جي دوري کان اڳ تفصيلي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ رٿائون تيار ڪيون وڃن.ملاقات ۾ پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ چين جو ڊپٽي قونصل جنرل زانگ هائو پڻ موجود هئا.