اسلام آباد- 09 جولاءِ (اي پي پي) مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي 58هين ورسي ملهائي وئي. فاطمه جناح پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي ننڍي ڀيڻ هئي ۽ هوءَ 31 جولاءِ 1893ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿي. محترمه فاطمه جناح، قيام پاڪستان جي جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن پنهنجي ڀاءُ محمد علي جناح سان گڏ تحريڪ پاڪستان ۾ گڏ ڪم ڪندي ننڍي کنڊ جي عورتن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو. فاطمه جناح کي تحريڪ آزادي ۾ هن جي مثالي ڪردار سبب مادر ملت جي لقب سان پڪاريو ويندو آهي. هن آزادي کانپوءِ پاڪستان عورت تنظيم جي بنياد رکي جنهن، قيام پاڪستان جي وقت هجرت ڪري آيل عورتن جي آبادڪاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. محترمه فاطمه جناح 9 جولاءِ 1967ع تي لاڏاڻو ڪري وئي ۽ هن کي ڪراچي ۾ مزار قائد ۾ پنهنجي ڀاءُ جي پاسي ۾ دفنايو ويو. محترمه فاطمه جناح جي ورسي جي موقعي تي سياسي ۽ سماجي تنظيمن طرفان هن جي خدمتن جي اعتراف ۾ هن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.