اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال گذريل ڏينهن اُڏام پاڪستان اوورسيز سمر انٽرنشپ اسڪالرز پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هي پروگرام وزيراعظم جي فليگ شپ منصوبي بااختيار نوجوان جو اهم جُز آهي جنهن جو مقصد پرڏيهه ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن کي قومي ترقيءَ جي عمل ۾ جوڙڻ ۽ حڪومتي ادارن ۾ عملي تجربو فراهم ڪرڻ آهي. وفاقي وزير ٻُڌايو ته هي پهريون موقعو آهي جڏهن پاڪستان حڪومت پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني شاگردن لاءِ سرڪاري سطح تي هڪ انٽرنشپ پروگرام جو بندوبست ڪيو آهي جنهن سان اوورسيز پاڪستانين جو حڪومت تي اعتماد ظاهر ٿئي ٿو. احسن اقبال چيو ته ان پروگرام تحت دنيا جي ناليوارين يونيورسٽين مان چونڊيل 31 شاگرد پلاننگ ڪميشن جي توانائي، انفراسٽرڪچر، روانگي واپار، اِي ڪامرس ۽ ماحولياتي تحفظ ۽ خوراڪ جهڙن اهم شعبن ۾ خدمتون انجام ڏيندا. وفاقي وزير وضاحت ڪئي ته هي شعبو اُڏام پاڪستان جي پنجن ٿنڀن (فائيو ايز) جي نمائندي ڪري ٿو ۽ انٽرنشپ فقط فائل ورڪ يا انتظامي معاملن تائين محدود ناهي پر شاگردن کي انهن جي شعبن بابت عملي منصوبن ۾ شامل ڪيو ويندو. پروگرام لاءِ سڄي دنيا جي 45 ملڪن مان 2300 کان وڌيڪ درخواستون وصول ٿيون جن مان سخت ميرٽ جي بنياد تي 31 شاگردن کي چونڊيو ويو. احسن اقبال ان پروگرام کي صرف هڪ اسڪالرشپ نه پر هڪ قومي تحريڪ قرار ڏنو جيڪو تعليم، قيادت ۽ جذبي کي ترقيءَ سان جوڙي ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي نوجوانن تي ٻَڌل آهي جيڪي ملڪ جو قيمتي اسٽريٽجڪ اثاثو آهن. احسن اقبال چيو ته اُڏام پاڪستان هڪ پنج ساله نيشنل اڪنامڪ ٽرانفارميشن پلان آهي جيڪو هڪ ملين نوجوانن جي توانائي، خيالن ۽ اُمنگن کي ڪتب آڻڻ جي عزم سان جاري آهي، هي نوجوان پاڪستان جي نظام کي ويجهو کان ڏسندا ۽ ترقياتي عمل جو حصو بڻجندا. وفاقي وزير تقريب جي موقعي تي معاشي استحڪام جي هاڻوڪي ڪاميابين جو به ذڪر ڪيو. هن ٻُڌايو ته اپريل 22ع ۾ جڏهن موجوده حڪومت اقتدار سنڀاليو ته پاڪستان ڏيوالپڻي جو شڪار هو ۽ ناڻي واري وزارت ترقياتي بجيٽ جي فنڊز جاري ڪرڻ کان به قاصر هئي، ان نازڪ وقت ۾ حڪومت سخت ۽ غير معقول فيصلا ڪيا جن ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏو اضافو به شامل آهي. هن چيو ته عوام انهن فيصلن کي صبر سان برداشت ڪيو ۽ اڄ اهي ئي فيصلا ملڪ جي معاشي بحاليءَ جا بنياد بڻجي چڪا آهن، مهانگائي 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 4 سيڪڙو تي اچي چڪي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ انڊيڪس 40 هزار کان وڌي هڪ لک 30 هزار تائين پهچي وئي آهي ۽ عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي. ان سان گڏوگڏ عالمي سطح تي پاڪستان جي اڪيلو ٿيڻ جي خواب جو خاتمو ٿي چڪو آهي ۽ اهم ملڪن سان ناتا ٻيهر مستحڪم ٿي رهيا آهن. احسن اقبال چيو ته اُڏام پاڪستان جا اهي نوجوان قومي ترقي جا معمار ۽ يوٿ ايمبيسڊر آهن، جيڪي وطن واپس اچي روشن پاڪستان جي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.