جئه پور-09 جولاءِ (اي پي پي) ڀارتي ايئرفورس جو جيگوار ويڙهاڪ جهاز راجسٿان رياست جي ضلعي چورو جي ڀانودا ڳوٺ ويجهو ڪِري تباهه ٿي ويو، حادثي ۾ پائليٽ به فوت ٿي ويو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي چينل خبر ڏني آهي ته جهاز سورت ڳڙهه ايئربيس تان اُڏام ڀري هئي ۽ هي ٻنپهرن جو اٽڪل 1:25 منٽن تي ڀانودا ڳوٺ ويجهو ٻنيءَ ۾ ڪِري تباهه ٿي پيو، حادثي واري هنڌ انساني جسمن جا عضوا مليا آهن، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جهاز ۾ سوار پائليٽ فوت ٿي ويو آهي. ڀارت ميڊيا موجب حادثي ۾ 2 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن جن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻُڌائي پئي وڃي. خبر موجب گذريل 30 سالن ۾ ڀارتي فضائيه کي 550 کان وڌيڪ فضائي حادثا پيش آيا جن ۾ 150 کان وڌيڪ پائليٽس فوت ٿي چڪا آهن. ڀارت ۾ اهڙي طرح جا حادثا ان جي فضائي نظام جي ڪمزورين، خراب پائليٽ تربيت ۽ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي کي نمايان ڪن ٿا.