واشنگٽن-09 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ – ڀارت جنگ بندي ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ڪردار نه هجڻ بابت آمريڪا مودي جي دعويٰ ڪوڙي قرار ڏئي ڇڏي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽيمي بروس پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته اڪثر تبصرا پاڻ پنهنجي وضاحت ڪري ڇڏيندا آهن، حقيقت ڄاڻڻ لاءِ جديد دور ۾ ڪو به ڪنهن هڪ تبصري تي دارومدار نه ٿو ڪري. ترجمان چيو ته ڪجهه ماڻهن جي راءِ غلط هوندي آهي، صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگ بندي جو ڪم آسان بڻائي ڇڏيو، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته نائب صدر جي ڊي وينس به پاڪ – ڀارت جنگ بندي جي معاملي ۾ شامل هو. واضح رهي ته پاڪ ڀارت جنگ بندي ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا ڪردار ادا ڪرڻ جي دعويٰ ڪري چڪو آهي جڏهن ته ڀارتي حڪومت ان معاملي ۾ آمريڪي ڪردار کي رد ڪندي آئي آهي.