واشنگٽن-09 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ ٻوڏ سبب فوت ۽ گم ٿي ويلن جو انگ وڌي 161 ٿي ويو آهي. رياست جي گورنر خبردار ڪيو آهي ته گم ٿي ويل ماڻهن ۾ اضافي جو خدشو آهي. هن چيو ته صرف ڪيرڪائونٽي ۾ 161 ماڻهو گم ٿي ويا آهن، ڪير ڪائونٽي جيڪا مرڪزي ٽيڪساس جي فلڊ فليش ايلي جي نالي سان مشهور علائقي ۾ واقع آهي، سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي آهي، جتي 94 ماڻهو فوت ٿيا آهن. رياست جي ٻين علائقن ۾ هن وقت تائين 15 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. ٽيڪساس جي متاثر علائقن ۾ هيليڪاپٽرن، ڊرونز ۽ ڪتن جي مدد سان جاري سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ۾ پاڻي ۽ گپ سبب ڏکيائون درپيش اچي رهيون آهن، جڏهن ته آپريشن دوران ملبي جا وڏا وڏا ڍير رستن ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن.