اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي آفيسرن کي جاري منصوبن تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ انهن کي بنا ڪنهن دير جي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وڌيڪ مهلت نه ملندي، کاتي جي آفيسرن لاءِ آخري موقعو آهي ۽ هاڻي ڪنهن به منصوبي ۾ سستي، نااهلي ۽ بنا جواز جي دير تي سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. اين ايڇ اي هيڊڪوارٽرز ۾ اداري جي اهم اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي وزير عبدالعليم خان جو چوڻ هو ته شاهراهن ۽ موٽر ويز جي تعمير ۽ مرمت ۽ واڌ جي منصوبن کي تيزي سان مڪمل ٿيڻ گهرجي، گوادر پورٽ کي ڳنڍيندڙ مرڪزي شاهراهه کي مارچ 2026ع تائين مڪمل ڪيو وڃي. اهڙي طرح بلوچستان جي هوشاب، آواران ۽ نال جي اهم ترين شاهراهه تي به ڪم تيز ڪيو وڃي. هن ڪراچي ۾ لياري ايڪسپريس وي کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ۽ ان جي معياري تعمير سان گڏوگڏ  گرين ايرياز بڻائڻ ۽ اتي وڻڪاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير ڪي پي ڪي ۾ مانسهره، ناران، جهال ڪنڊ جي ايڪسپريس وي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي شاهراهن جي ڀرپاسي ۾ بنا فرق جي ڪارروائي ڪندي ناجائز قبضا ختم ڪرڻ ۽ ان ڏس ۾ عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ چيو آهي. هن چيو ته وڏين شاهراهن جي منصوبن جو افتتاح پاڻ وزيراعظم ڪندو جنهن لاءِ اتي منصوبن کي هر لحاظ کان مڪمل ٿيڻ گهرجي. هن پنهنجي تازي دوري جي روشني ۾ مري ايڪسپريس وي تي سياحن جي ضرورتن موجب ريسٽ ايرياز بڻائڻ جي هدايت ڪئي جتي فيملي واش رومز سميت ”ريفريشمنٽ“ جو به بندوبست هجي. وفاقي وزير سڄي ملڪ ۾ اين ايڇ اي جي شاهراهن جي ڀرپاسي ۾ موجود جاين جو سروي ڪرڻ ۽ انهن کي علائقي جي ضرورتن موجب نئين سري سان ڪانٽريڪٽ تي ڏيڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير کي اين ايڇ اي جي روينيو معاملن سميت اهم معاملن تي بريفنگ ڏني وئي جنهن تي وفاقي وزير عبدالعليم خان جو چوڻ هو ته ٽول پلازائن وانگر اين ايڇ اي جي سمورن منصوبن کي کليل نيلامي لاءِ پيش ڪيو وڃي ته جيئن هر شهري ان عمل ۾ حصو وٺي سگهي. هن ان ڏس ۾ عوامي آگاهي لاءِ مشهوري واري مهم هلائڻ جي به هدايت ڪئي. مواصلات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ اين ايڇ اي جي، سي اي او کانسواءِ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ پشاور جي سينئر آفيسرن وڊيو لنڪ تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي پنهنجي زونز ۾ اين ايڇ اي جي منصوبن جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو.