اسلام آباد- 09 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، مادر ملت محترمه فاطمه جناح کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هو هڪ باهمت، بااصول ۽ بلند حوصلي واري شخصيت جي مالڪ هئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن، محترمه فاطمه جناح جي 58هين ورسي جي موقعي تي پيغام ۾ ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته مادر ملت جو ڪردار عورتن لاءِ عزم، حوصلي ۽ رهنمائي جو سرچشمو آهي، هو قائداعظم محمد علي جناح جي جان نثار ۽ خاص مددگار ڀيڻ هئي، تحريڪ آزادي جي هر مرحلي ۾ محترمه فاطمه جناح قائداعظم سان گڏ بيٺل رهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته محترمه فاطمه جناح، عورتن جي آزادي جي تحريڪ جي پهرين اڳواڻ هئي. پاڪستان جي قيام کانپوءِ محترمه فاطمه جناح، عملي سياست ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، فاطمه جناح عوام خاص طور تي عورتن جي ڀلائي لاءِ هميشه سرگرم رهي. هن چيو ته محترمه فاطمه جناح جي قومي خدمتن کي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، الله تعاليٰ کان مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي.