اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 11 جولاءِ 2025ع تي ڪوالالمپور (ملائيشيا) ۾ منعقد ٿيندڙ آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي 32هين وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. ان اجلاس ۾ اي آر ايف جي 27 ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ نمائندن سان گڏوگڏ آسيان جو سيڪريٽري جنرل پڻ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اي آر ايف وزارتي اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايشيا پيسفڪ خطي کي درپيش سياسي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ حصو وٺندو جنهن ۾ مڪالمي جي ذريعي امن، استحڪام ۽ گڏيل تعاون جي فروغ تي ڌيان ڏنو ويندو. ڪوالالمپور جي دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پنهنجي ملائيشيائي هم منصب کانسواءِ ٻين شريڪ پرڏيهي وزيرن ۽ نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو. هو ڪوالالمپور ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان پڻ ملاقات ڪندو. ياد رهي ته اي آر ايف 1994ع ۾ قائم ٿيو هو ۽ اهو علائقائي امن ۽ استحڪام بابت گهڻ رخي مڪالمي ۽ مشاورت جو هڪ اهم فورم آهي. پاڪستان 2004ع ۾ ان فورم ۾ شموليت کانپوءِ کان اي آر ايف جو هڪ فعال ميمبر رهيو آهي ۽ ان جي سرگرمين ۽ قدمن ۾ تعميري طور تي حصو وٺندو رهيو آهي.