واشنگٽن-09 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا ۾ ڪنهن جعلساز آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جو جعلي اڪائونٽ ٺاهي سندس طرفان 3 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن، هڪ آمريڪي رياست جي گورنر ۽ ڪانگرس جي ميمبرن کي وائس ۽ ٽيڪسٽ ميسج موڪليا. ان ڳالهه جو انڪشاف پرڏيهي ميڊيا، آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ ۽ ٻين آمريڪي ميڊيا جي رپورٽس جي حوالي سان ڪيو. رپورٽ مطابق جعلساز پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي آزاد، انداز لکت ۽ سڃاڻپ جي ڄاڻ کي اي آءِ سافٽ ويئرز ذريعي ايتري باريڪي سان نقل ڪيو ته ڪيترائي بااثر شخصيتون ڌوکو کائي ويا. انهن رابطن لاءِ خاص طور تي انڪرپٽيڊايپ سگنل جو استعمال ڪيو ويو جيڪو حساس نوعيت جا پيغام لاءِ محفوظ سمجهيو ويندو آهي ۽ ماضي ۾ ٽرمپ انتظاميه طرفان وڏي پيماني تي استعمال ٿيندو رهيو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڻڄاتل جوابدار امڪاني طور تي معلومات يا اڪائونٽس تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي مقصد سان اعليٰ اختيارين سان هيرا ڦيري ڪرڻ پئي چاهي. بيان مطابق جعلساز، ٽيڪسٽ ميسيجنگ ۽ انڪرپٽيڊ ميسجنگ ايپ سگنل ٻنهي جو استعمال ڪندي 3 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن، هڪ آمريڪي رياست جي گورنر۽ ڪانگرنس جي ميمبر سان رابطو ڪيو. ان سلسلي جي شروعات جون جي وچ ۾ ٿي ۽ جعل ساز اهم شخصيتن سان رابطو ڪرڻ جو استعمال ڪندي سگنل اڪائونٽ ٺاهيو. آمريڪي پرڏيهي کاتي مان جاري بيان ۾ آمريڪي سفارتڪارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي شڪي سرگرمي يا جعلسازي نظر اچي ته فوري طور تي رپورٽ ڪن. آمريڪي پرڏيهي کاتي واقعي جي مڪمل جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ مستقبل ۾ ان قسم جي ڪوششن کي روڪڻ لاءِ سيڪيورٽي پروٽوڪول وڌيڪ سخت ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي.