سڊني-09 جولاءِ (اي پي پي) آسٽريلوي هوائي ڪمپني قنطاس ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته گذريل مهيني جي آخر ۾ ڪمپني تي ٿيل سائبر حملي سبب ان جا 57 لک صارفين متاثر ٿيا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هوائي ڪمپني جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته فرانزڪ تجزئي مان معلوم ٿيو آهي ته 30 جون تي پرڏيهي ڪال سينٽر ذريعي استعمال ٿيل ٿرڊ پارٽي سسٽم تي ٿيل سائبر حملي ۾ 57 لک صارفين جي ذاتي ڊيٽا چوري ڪئي وئي. ايئر لائين صارفين سان رابطو ڪري انهن کي مخصوص ذاتي ڊيٽا فيڊ ڪرڻ جي حوالي سان آگاهه ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪمپني صارفين کي الرٽ رهڻ جو مشورو ڏنو آهي. قنطاس چيو ته حملي ۾ چوري ڪيل ڪنهن جو به ذاتي ڊيٽا جاري نه ڪيو ويو آهي، ۽ ڪمپني سائبر سيڪيورٽي ماهرن جي مدد سان نگراني ڪري رهي آهي.