بيجنگ-09 جولاءِ (اي پي پي) چين يورپي يونين (اي يو) تي زور ڀريو آهي ته هو ان باري ۾ مثبت ۽ عملي پاليسي اختيار ڪري. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پريس بريفنگ دوران يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وان ڊيرليين جي چين ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن جي حوالي سان ڏنل رمارڪس جي جواب ۾ چئي. هن چيو ته هلندڙ سال چين ۽ يورپي يونين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 50 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي، هي ڌرين لاءِ ماضي جي ڪاميابين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اهم سال آهي. ترجمان يورپي يونين تي زور ڀريو ته هو چين جي باري ۾ وڌيڪ مثبت ۽ عملي پاليسي اختيار ڪري. هن اميد ظاهر ڪئي ته يورپي يونين کي اهو احساس ٿيندو ته جنهن شيءَ کي توازن جي ضرورت آهي ته هو ان جي پنهنجي ذهنيت آهي نه چين – يورپي يونين جي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا، هن چيو ته موجوده غير مستحڪم عالمي صورتحال تحت اها اميد آهي ته يورپي يونين جو چين سان انهي رخ ۾ ڪم، گڏيل فائديمند تعاون کي مضبوط بڻائڻ، اختلافن کي مناسب طريقي سان حل ۽ چين – يورپي يونين لاڳاپن جي پائيدار، صحتمند ۽ مستحڪم ترقي کي هٿي ملندي.