دبئي-09 جولاءِ (اي پي پي)دبئي اسلامڪ بئنڪ (ڊي آءِ بي) علائقائي ۽ عالمي مالياتي ادارن جي ڪنسورشيم جي تعاون سان پاڪستان حڪومت لاءِ هڪ ارب آمريڪي ڊالرن جي گڏيل شرعي مالي سهولت ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتي آهي جيڪا هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏني پئي وڃي.ان سلسلي ۾ ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته اهو معاهدو نه رڳو پاڪستان لاءِ شرعي اصولن تي ٻڌل مالي وسيلن تائين پهچ جون راهون هموار ڪري ٿو پر استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي حڪومتي هدفن کي به سگهه ڏي ٿو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ان معاهدي تحت اٽڪل 89 سيڪڙو رقم اسلامي طريقيڪار تي ٻڌل آهي، جنهن کي (اي اي او آءِ ايف آءِ) جي اصولن موجب ڪموڊيٽي مرابحه جي ڍانچي ۾ ترتيب ڏنو ويو. اهو نه رڳو شريعت موجب فنانسنگ جي وڌندڙ عالمي گهرج جو ثبوت آهي پر پاڪستان جي اسلامي ماليات کي هٿي ڏيڻ جي قومي ويزن جي به عڪاسي ڪري ٿو. بئنڪ موجب هي پنج سالن جي سهولت هڪ جديد مالياتي ڍانچي تحت ڏني وئي آهي، جنهن ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان پاليسي تي ٻڌل گارنٽي به شامل آهي. واضح رهي ته هي ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان پاڪستان لاءِ پنهنجي نوعيت جي پهرين ضمانتي سهولت آهي، جيڪا عالمي اسلامي فنانسنگ جي ميدان ۾ هڪ نئون مثال قائم ڪري ٿي. دبئي اسلامڪ بئنڪ ان معاهدي ۾ واحد اسلامي عالمي ڪوآرڊينيٽر جي حيثيت سان ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ سان گڏيل مينڊيٽ ليڊ آرينجر ۽ بڪ رنر طور به شامل رهيو. ان کانسواءِ ابوظهبي اسلامڪ بئنڪ، عجمان بئنڪ ۽ شارجه اسلامي بئنڪ جهڙا مشهور علائقائي ادارا به ان ۾ شامل هئا. رپورٽ موجب پاڪستان جي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ان اڳڀرائي کي ملڪي معيشت تي عالمي اعتماد جي بحالي جو ثبوت قرار ڏيندي چيو ته اهو معاهدو نه رڳو پاڪستان لاءِ شرعي اصولن تي ٻڌل مالي وسيلن تائين پهچ جون راهون هموار ڪري ٿو پر استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي حڪومتي هدفن کي به سگهه ڏي ٿو. هن دبئي اسلامڪ بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي اهم ڪردار کي ساراهيو.ان موقعي تي دبئي اسلامڪ بئنڪ جي گروپ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڊاڪٽر عدنان چلوان چيو ته هي معاهدو ان ڳالهه جو روشن مثال آهي ته شريعت موجب مالياتي ماڊل ڪهڙي طرح مالي ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته پاڪستان کي ٻن سالن کانپوءِ اسلامي مالياتي مارڪيٽ ۾ ٻيهر متعارف ڪرائڻ اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ اسان کي يقين آهي ته هي معاهدو پاڪستان کي شرعي بنيادن تي وڏي پئماني تي سرمايو حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ڪندو. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي پاليسي گارنٽي ان معاهدي جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪو پاڪستان جي مالي سڌارن ۽ معاشي استحڪام تي اعتماد جو ثبوت آهي.  ان معاهدي ذريعي شامل مالياتي ادارن کي اسرندڙ مارڪيٽن ۾ اقتصادي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۽ عالمي سطح تي اسلامي فنانسنگ کي هٿي ڏيڻ لاءِ عملي قدمن جو موقعو مليو آهي.