اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ويٽنام پهچي ويو. واپار واري وزارت موجب 15 سالن کانپوءِ پاڪستاني وزير جو پهريون اعليٰ سطحي دورو آهي. هوائي اڏي تي ايم او آءِ ٽي جي ايشيا  جي ڊائريڪٽر  ۽ ويٽنام ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار واري سيڪريٽري سندس استقبال ڪيو. دوري جو مقصد ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ آهي. واپار وارو وزير ويٽنام جي صنعت ۽ واپار واري وزير سميت اهم ڪاروباري شخصيتن ۽ چيمبر جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو. هي دورو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ نئين باب جو آغاز ثابت ٿيندو.