پشاور- 09 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز کي سيني ۾ تڪليف هجڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. خيبر پختونخوا حڪومت مطابق شبلي فراز کي گذريل رات هنگامي طور تي پي آءِ سي پشاور ۾ منتقل ڪيو ويو جتي کيس دل جي تڪليف سبب شروعاتي علاج ڪيو ويو. ڊاڪٽرن شبلي فراز کي 24 ڪلاڪن لاءِ نگراني ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڊاڪٽرن جي ٽيم شبلي فراز جي ايندڙ علاج بابت مشاورت ڪندي.