بيجنگ – 09 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ عالمي تهذيبن جي مڪالمي تي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ بيجنگ پهچي ويو. اهو اجلاس 10 ۽ 11 جولاءِ تي چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي پبلسٽي ۽ انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽس ۽ چين جي پرڏيهي وزارت جي حصيداري سان منعقد ٿي رهيو آهي. عالمي تهذيبن جو مڪالمو چيني صدر شي جن پنگ جي ويزن تي ٻڌل عالمي تهذيبن جي قدمن جو حصو آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ”سولائيزيشن ايڪسچينج اينڊ ميوچل لرننگ – ثقافتي وراثت ۽ جدت“ جي موضوع تي ذيلي فورم کي اهم خطاب پڻ ڪندو. اطلاعات واري وفاقي وزير جي مڪالمي ۾ شرڪت ثقافت، ميڊيا ۽ جدت جي شعبن ۾ مختلف تهذيبن جي وچ ۾ مڪالمي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي اهميت جو واضح اظهار آهي. پنهنجي دوري دوران اطلاعات واري وفاقي وزير جي سي پي سي سينٽرل ڪميٽي جي پبلسٽي ڊپارٽمينٽ جي ڊپٽي هيڊ، نيشنل ريڊيو اينڊ ٽيليويزن ايڊمنسٽريشن چائنا جي پارٽي سيڪريٽري ۽ وزير ڪائو شومن سان ملاقات پڻ ٿيندي جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ميڊيا تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ان کانسواءِ ثقافتي مٽاسٽا ۽ گڏيل افهام تفهيم جا نوان موقعا ڳولڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير جي اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت چين ۽ پاڪستان جي قيادت ۽ ان جي عوام جي وچ ۾ مضبوط رشتي ۽ ٻنهي ملڪن جي تهذيبي مڪالمي کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل سوچ جي عڪاس آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تهذيبن جي وچ ۾ مڪالمو ئي عالمي هم آهنگي، امن ۽ ترقي جو بنياد آهي، پاڪستان ان عمل ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ميڊيا ۽ ثقافتي تعاون ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ جو ذريعو بڻجي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته هي اجلاس سڄي دنيا جي تهذيبن جي وچ ۾ گڏيل احترام ۽ سکڻ جي جذبي کي فروغ ڏيڻ جو منفرد موقعو آهي.