اسلام آباد– 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي ميمبرن محمد ادريس ۽ سردار غلام عباس جدا جدا ملاقات ڪئي، ملاقاتن ۾ لاڳاپيل تڪن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقاتن ۾ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقاتن ۾ پبلڪ افيئرز يونٽ وارو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طلحيٰ برڪي پڻ موجود هئا.