اسلام آباد– 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ ترڪيه ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ ترڪيه سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن تيزي سان بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي ماحول خاص طور تي غزه ۽ ايران جي ڏس ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاقان فيدان ۽ قومي دفاع واري وزير ياسر گلر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ترڪ وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو جيڪي گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. هن ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ ترڪيه سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن سال دوران ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٿيندڙ پنهنجي مختلف ملاقاتن بشمول 17هين اي سي او سربراهي اجلاس دوران تازي ملاقات جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پاڪ – ترڪيه لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي وزير حاقان فيدان جي گڏيل صدارت ۾ گڏيل ڪميشن جي اجلاس جي انعقاد جي آجيان ڪندي وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا جنهن سان گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ملندي. ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪندي ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن جي لاءِ پنهنجي مضبوط ۽ اڻٿڪ حمايت جاري رکندا. وزيراعظم تيزي سان بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي ماحول خاص طور تي غزه ۽ ايران جي ڏس ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت سان تازي تڪرار دوران پاڪستان جي مستقل حمايت تي ترڪ قوم ۽ قيادت جا دل سان ٿورا مڃيا. وزيراعظم 5 ارب ڊالر جي گڏيل متفقه هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي ٻنهي ملڪن پاران ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين تي روشني وجهندي هن ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري جو دائرو وڌائڻ جي دعوت ڏني ۽ ترڪيه کي پاڪستان جي ساختي سڌارن ۽ اقتصادي ترقي ۾ حصيداري جي دعوت ڏني.