اسلام آباد– 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪي ترقي جي سفر تي اعتماد جو اظهار ڪندي خيبرپختونخواهه جي ناليواري سياسي شخصيت ثمر هارون بلور مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ثمر هارون بلور، سعيده جمشيد ۽ جمشيد مهمند ملاقات ڪئي. وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير معاملن وارو وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواهه جو صوبائي صدر انجنيئر امير مقام، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار يوسف، پبلڪ افيئرز يونٽ وارو وزير راڻا مبشر ۽ مسلم ليگ (ن) جو صوبائي جنرل سيڪريٽري مرتضيٰ جاويد عباسي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. ثمر هارون بلور ملڪي معاسي استحڪام، عوام دوست بجيٽ ۽ ملڪي معاشي ترقي جي صحيح رخ تي وزيراعظم جي قيادت تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سندس خواهش آهي ته وفاق ۽ پنجاب جي طرز تي خيبرپختونخواهه پڻ ترقي جي راهه تي گامزن ٿئي. ثمر هارون بلور وزيراعظم ۽ پارٽي قيادت سان گڏجي خيبرپختونخواهه جي عوام جي خدمت جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ثمر هارون جي پارٽي ۾ آجيان ڪندي سندس مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ثمر هارون بلور جي عوامي خدمت جي جذبي کي ساراهيو ۽ بلور خاندان جي قربانين ۽ خدمتن جو اعتراف ڪيو.