اسلام آباد– 09 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه دفاع، واپار، توانائي، ثقافت، تعليم ۽ بنيادي ڍانچي سميت اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو عزم ظاهر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا، اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي مستحڪم لاڳاپن جي عڪاس آهي. ان ڳالهه جو اظهار نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ترڪ پرڏيهي وزير حاقان فيدان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. هنن اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل تحت قائم ڪيل 12 گڏيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي جاري اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاڪستان جي دوري تي آيل ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاقان فيدان ۽ دفاع وار وزير ياشار گلر جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي اعليٰ سطح جي وفدن جي گڏيل مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي مستحڪم ڀائراڻي لاڳاپن جي عڪاسي ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا گڏيل لاڳاپا انتهائي مستحڪم آهن ۽ مختلف ٻطرفي علائقائي معاملن جي حوالي سان اسان هڪ ٻئي جي ويجهي رابطي ۾ رهون ٿا، تيزي سان بدلجندڙ عالمي حالتن جي ڏس ۾ اڳ جي مقابلي ۾ هاڻي اهڙي طرح جا رابطا انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ترڪيه جي دفاعي صنعت جي صلاحيتن جو معترف آهي ۽ اسان ترڪيه جي تجربن مان فائدو کڻڻ جا خواهشمند آهيون، اسان خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ ترڪيه سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته منهنجي ترڪ پرڏيهي وزير سان 21 ۽ 22 جون تي او آءِ سي ڪائونسل آف فارن منسٽرز جي اجلاس جي موقعي تي استنبول ۾ ملاقات ٿي هئي ۽ گذريل هفتي آزربائيجان ۾ منعقد اي سي او سمنٽ جي موقعي تي پڻ ساڻس سائيڊ لائين ملاقات ٿي. واضح رهي ته اقتصادي ڪوآپريشن ڪائونسل جي فيبروري 2025ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد اعليٰ سطحي گذريل اجلاس دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان گڏيل اتفاق راءِ سان ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي گڏيل صدارت ۾ جوائنٽ ورڪنگ ڪميشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ته جيئن اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل فريم ورڪ تحت قائم 12 جوائنٽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي سگهجي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اڄ اسان جوائنٽ ڪميشن جي پهرين اجلاس دوران گڏيل طور تي انهن اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ڪارڪردگي تفصيلي غور ڪيو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته ڪجهه ڪميٽين جا اجلاس منعقد ٿي چڪا آهن يا ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ منعقد ڪيا ويندا، سيڪيورٽي، انٽيليجنس ۽ دفاع جي حوالي سان تازو ئي قائم ڪيل ڪميٽي جو اجلاس 24 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ٿيندو جڏهن ته واپار ۽ سيڙپڪاري جي ڪميٽي جو اجلاس 20 جون تي ٿيو، دفاعي پيداوار جي صنعت جي حوالي سان قائم ڪميٽي جو اجلاس سيپٽمبر جي آخر ۾ منعقد ٿيندو. نائب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪشن بابت ڪميٽي جو اجلاس ايندڙ هفتي متوقع آهي، اهڙي طرح ٻين ڪميٽين بشمول صحت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سوشل سيڪٽر ڊيولپمينٽ، ڪلچر اينڊ ٽوئرازم، ايگريڪلچر اينڊ واٽر، انرجي اينڊ پاور، بئنڪنگ اينڊ فنانس ۽ سياسي ۽ سفارتي ڪوآرڊينيشن ڪميٽين جا اجلاس پڻ ايندڙ مهينن ۾ ٿيندا. هن چيو ته اڄ جي اجلاس دوران مون ۽ منهنجي ترڪ هم منصب استنبول ۾ منعقد او آءِ سي ڪائونسل آف فارن منسٽرز جي اجلاس ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي آذربائيجان ۾ منعقد سمٽ جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات دوران ڪيل فيصلن تي فالو اپ تي تفصيلي غور فڪر پڻ ڪيو آهي. هن چيو ته انهن ٻنهي تازين ملاقاتن دوران ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جي رفتار تي مطئن آهيون، ڌرين پاران موثر طور تي عملدرآمد جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ اسان ڪراچي ۾ ترڪيه جي ڪاروباري ۽ صنعتي ادارن جي لاءِ مخصوص هڪ گڏيل خصوصي اقتصادي زون قائم ڪرڻ جو پڻ جائزو وٺي رهيا آهيون. هن چيو ته استنبول، تهران ۽ اسلام آباد ٽرين بحال ٿي چڪي آهي ۽ ان حوالي سان وفدن جي سطح تي ان جي روٽس جو تعين ڪيو ويندو. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته اسان اڳ ۾ ئي مظفرآباد ۾ معارف اسڪول جي تعمير جي لاءِ زمين الاٽ ڪري ڇڏي آهي، معارف فائونڊيشن جو هڪ وفد اڄ مظفرآباد جو دورو ڪري رهيو آهي ته جيئن لاڳاپيل جڳهه تي اسڪول جي تعمير کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي. هن چيو ته ترڪيه جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ دانش يونيورسٽي ميگا پراجيڪٽ تحت جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس قائم ڪرڻ جو جائزو پڻ وٺي رهيون آهن، اهڙي طرح ترڪ ڪمپنيون پاڪستان ۾ آف شور ڊرلنگ پراجيڪٽس ۾ پڻ شامل هونديون ۽ ان حوالي سان انهن انتهائي گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اهڙي طرح ترڪ ڪمپنيون پاور سيڪٽر ۾ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نجڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿيون. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه دهشتگردي جي خاتمي جي مقابلي جي لاءِ صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ پڻ موثر حصيداري کي يقيني بڻائي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان شپ بريڪنگ، ڪولڊ اسٽوريج ۽ ميونسپل اينڊ ايگريڪلچر واٽر جي بهتر استعمال جي لاءِ پڻ ترڪيه جي تجربن مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته گذريل 11 سالن کان غيرفعال جوائنٽ منسٽرل ڪميشن کي فعال ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو آهي، اسان جي واپار وارو وزير ڄام ڪمال خان ۽ ترڪيه جي دفاع وارو وزير ياشار گلر تمام جلد جوائنٽ منسٽرل ڪميشن جي اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندا، اها سمورا قدم ايندڙ سال ترڪيه ۾ ٿيندڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر جي گڏيل صدارت ۾ منعقد ٿيندڙ اٺين هاءِ ليول اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي اجلاس کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ مستحڪم بنياد فراهم ڪندا. پريس ڪانفرنس جي پڄاڻي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ترڪيه کي قابل اعتماد دوست ۽ ڀائر ملڪ سمجهي ٿو، ترڪ قوم سدائين اسان سان گڏ بيٺل رهي آهي ۽ تاريخ ان ڀائيچاري جي مثالن سان ڀريل آهي جنهن جو تازو مثال پاڪ ڀارت تازي تڪرار ۾ پڻ نظر اچي ٿو، پاڪستان ۽ ترڪيه جي منفرد ڀائراڻي لاڳاپن جي لفظن ۾ تشريح نه ٿي ڪري سگهجي، انهن لاڳاپن کي سمجهڻ جي لاءِ پاڪستاني يا ترڪ هجڻ جي ضرورت آهي، اسان هڪ ٻئي جي لاءِ عزت ۽ احترام جو جذبو رکون ٿا، پاڪستان ترڪيه سان پنهنجي ڀائيچاري کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. هن ان عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو ته پاڪستان سدائين پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل رهندو. اسحاق ڊار چيو ته اڄ رات آئون ۽ منهنجو ترڪ هم منصب حاقان فيدان آسيان ريجنل فورم اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ملائيشيا روانا ٿي رهيا آهيون ۽ آئون اتي به ان سان خيالن جي ڏي وٺ جاري رکڻ جي لاءِ پراميد آهيان. ان موقعي تي ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاقان فيدان سينيٽر اسحاق ڊار جي ڳالهه ٻولهه تي ٿورا ادا ڪندي چيو ته سندس ڳالهه ٻولهه منهنجي دل جو آواز آهي ۽ اهو ٻنهي ملڪن جي گڏيل پڌرنامي جي برابر آهي. هن صحافين کي مخاطب ڪندي چيو ته اڄ آئون پنهنجي دفاع واري وزير سان گڏ خوبصورت شهر اسلام آباد ۾ موجود آهيان ۽ اسان جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو آهي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جو شاندار ميزباني تي ٿورائتو آهيان، پريس ڪانفرنس کان اڳ اسان وفدن جي سطح تي ملاقات ڪئي آهي ۽ بعد ۾ اسان وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پڻ ملاقات ڪري رهيا آهيون. اهڙي طرح فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان پڻ اسان جي ملاقات ٿيندي، ترڪيه ۽ پاڪستان جا گڏيل ڀائراڻا لاڳاپا مضبوط بنيادن تي قائم آهن، ٻنهي قومن جا لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ بهتر نتيجا فراهم ڪندا، اسان جا لاڳاپا ڪنهن واقعي جي بنياد تي قائم ناهن ٿيا پر ٻنهي ملڪن جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته معيشت، انرجي، دفاعي صنعت، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ اسان گڏيل تعاون کي سگهه ڏني آهي ۽ اڄ جي اجلاس دوران پاڪستان ۽ ترڪيه اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪيل خيالن جي ڏي وٺ ۽ فيصلن تي عملدرآمد جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. هن چيو ته ترڪ صدر جي هدايت جي روشني ۾ ترڪيه جا سمورا ادارا ان فريم ورڪ تحت اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪائونسل جي فيصلن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ جامع قدم کڻي رهيا آهن. هن چيو ته اسان گڏيل واپار کي 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، مختلف معاشي شعبن ۾ اسان ٻطرفي حصيداري کي سگهه ڏيڻ جي امڪانن جو جائزو وٺي رهيا آهيون. هن چيو ته انهي فريم ورڪ تحت پاڪستان ۽ ترڪيه جي نيشنل آئل ڪمپنين اپريل 2025ع ۾ هڪ معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون آهن جيڪو انتهائي اهميت وارو قدم آهي. هن چيو ته ان معاهدي تحت اسان جون ڪمپنيون گڏيل طور تي پاڪستان ۾ تيل ۽ قدرتي گئس جي ذخيرن جي ڳولا جي لاءِ آف شور ڊرلنگ جي منصوبن ۾ ڪم ڪنديون، اهو معاهدو اسان جي ڍانچاجاتي تعاون جو تازو مثال آهي. هن چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جا فضائي رابطا اطمينان جوڳا آهن جڏهن ته ترڪيه پاڪستان سان زميني ۽ پاڻي رابطن ۾ اضافي جو خواهشمند آهي جيڪو اسان جي ڪاروباري لاڳاپا وڌائڻ لاءِ ضروري آهي، ان حوالي سان ٽيڪنيڪي حصيداري تي ڪم جاري آهي. ترڪ پرڏيهي وزير چيو ته اسان تعليم جي شعبي ۾ گڏيل حصيداري کي پڻ بنيادي اهميت ڏيون ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ترڪيه جي معارف فائونڊيشن جي پاڪستان ۾ 80 کان وڌيڪ اسڪول ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ان تعليمي نيٽ ورڪ کي وڌيڪ سگهه ڏني پئي وڃي. هن تعليمي نيٽ ورڪ جي فروغ جي لاءِ سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پاڪستان حڪومت جي قدمن تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان دفاعي پيداوار جي صنعت جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ پڻ ڪيترائي اهم قدم کڻي رهيا آهن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ۽ حصيداري جي فروغ جي لاءِ کنيل قدم فخر جوڳا آهن. هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ دفاعي پيداوار جي صنعت جي حوالي سان اسان جي حصيداري وڌيڪ وسيع ٿيندي جيڪا ٻنهي ملڪن جي سيڪيورٽي جي لاءِ انتهائي ضروري آهي ۽ اهو هڪ اسٽريٽجڪ قدم پڻ آهي. هن چيو ته ان حوالي سان مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته اسان جا ملڪ ڊگهي عرصي کان دهشتگردي جي خلاف جدوجهد ۾مصروف آهن ۽ اسان پرعزم آهيون ته اسان دهشتگردي جي خاتمي کي يقيني بڻائينداسين. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل تعاون کي جاري رکنداسين. هن خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جي تازي واقعن جي پرزور مذمت پڻ ڪئي ۽ چيو ته ترڪيه ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان جو تعاون اسان جي لاءِ انتهائي اهم سپورٽ آهي. هن وڌيڪ چيو ته اتر جمهوريه قبرص جي حوالي سان پاڪستان جو موقف اسان جي لاءِ تمام اهم آهي ۽ اسان ان سپورٽ تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون. هن ان اميد جو اظهار پڻ ڪيو ته ايندڙ وقت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي گڏيل لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. خطي جي تازي صورتحال ۽ بحران جي ڏس ۾ ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاقان فيدان چيو ته ان حوالي سان پاڪستان ۽ ترڪيه جا گڏيل لاڳاپا، يڪجهتي ۽ حصيداري انتهائي ضروري آهي جنهن جي اسان جي ملڪن ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ سخت ضرورت پڻ آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسان پاڪستان سان انتهائي ويجهي تعاون ۽ حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏئي رهيا آهيون. پاڪستان ترڪيه ۽ آذربائيجان جي ٽه ڌريي مشاورت جي حوالي سان هن چيو ته اهو پليٽ فارم بنيادي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته اسان جي صدر واضح ڪيو آهي ته جنگ ۾ ڪو فاتح ناهي ٿيندو ۽ نه ئي امن ۾ ڪو شڪست کائيندو آهي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا بابت اسان جو اهو ئي موقف آهي. هن وڌيڪ چيو ته گذريل اپريل ۽ مئي دوران پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ تي ترڪيه سميت پوري عالمي برادري کي ڳڻتي هئي جڏهن ته ان ڇڪتاڻ دوران پاڪستان دانشمنداڻو ۽ مدبراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن جي عالمي برادري معترف آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ٻن ائٽمي قوتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ يا تڪرار هجي ته ان جا خوفناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اسان پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي جي فيصلي کي هڪ اهم فيصلو سمجهون ٿا. هن چيو ته ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڌرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي، ترڪيه سدائين ڳالهه ٻولهه جي معاونت جي لاءِ تيار آهي ته جيئن خطي ۾ امن امان قائم ٿئي ۽ تڪرارن کي ختم ڪري سگهجي. ايران تي اسرائيلي جارحيت بابت ترڪ پرڏيهي وزير چيو ته اسرائيلي قدم عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي جنهن جي ٻئي ملڪ اعليٰ سطح تي پرزور مذمت ڪن ٿا، اسرائيلي حملا ۽ جارحيت نه رڳو اسان جي خطي پر پوري دنيا جي امن لاءِ شديد خطرو آهن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايران – اسرائيل جنگبندي مستقل هوندي. هن چيو ته اسان ڌرين کي ڳالهه ٻولهه شروع ڪرڻ تي راضي ڪرڻ جا پيغام موڪليا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه تڪرار جي ڌرين سان رابطي ذريعي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن، ترڪيه يقين رکي ٿو ته تڪرارن جو ڳالهه ٻولهه جي ذريعي پرامن حل ٿي سگهي ٿو ۽ ان حوالي سان اسان مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون. غزه جي صورتحال، جنگبندي ۽ انساني امداد جي فراهمي جي حوالي سان هن چيو ته ان حوالي سان مصالحتي ڪردار ادا ڪندڙ ملڪن سان مشاورت ۾ شريڪ آهيون ته جيئن اسرائيلي جارحيت ۽ حملن کي روڪي سگهجي ۽ غزه ۾ امن قائم ٿئي. هن چيو ته اسان فلسطيني عوام ۽ فلسطين جي موقف جي حمايت جاري رکنداسين. هن چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي ٻطرفي رابطن ۽ لاڳاپن ۾ استحڪام جي لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا. پريس ڪانفرنس جي آخر ۾ هن هڪ ڀيرو ٻيهر نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جا شاندار ميزباني تي ٿورا ادا ڪيا.