اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپن بابت پرڏيهي وزارت ۽ چين جي سفارتخاني ”گڏيل مستقبل سان چين پاڪستان حصيداري سان ڪميونٽي جي تعمير“ جي موضوع تي هڪ سمپوزيم جو اهتمام ڪيو. تقريب ۾ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ، پاڪستان ۾ چين جي سفير، پاڪ چائنا انسٽيٽيوٽ جي سربراهه اڳوڻي سينيٽر مشاهد حسين سيد، چين ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير نغمانه هاشمي، سينيئر سياسي اڳواڻن افراسياب خٽڪ ۽ عبدالله حميد گل کانسواءِ انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي چيئرمين خالد محمود، ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طلعت شبير، حسن دائود بٽ، تعليمي ماهرن، حاضر سروس ۽ اڳوڻي سفارتڪارن، پاڪستان چين لاڳاپن جي ماهرن ۽ صحافين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندڙن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تاريخي دوستاڻي ۽ سفارتي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو جن کي گذريل هڪ ڏهاڪي کان چين – پاڪستان اقصادي لنگهه (سي پيڪ) نئين سگهه ڏني آهي. هنن چيو ته ٻئي ملڪ پاڪستان ۾ اقتصادي زونز کي فعال بڻائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته گوادر ۾ نئين عالمي ايئرپورٽ سان چين جي شهرن تائين اڏامون شروع ڪيون وينديون جنهن سان برآمدات جي پهچ ممڪن ٿيندي ۽ پاڪستان جي عوام خاص طور تي بلوچستان جي ماڻهن کي فائدو ٿيندو. تقريب جو اهتمام چين جي صدر شي جن پنگ جي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي 10 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ڪيو ويو هو.