واشنگٽن-10 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزارت جي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته هڪ شخص مصنوعي ذهانت ذريعي تيار ڪيل آواز جو استعمال ڪندي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي شخصيت جو ڪوڙو روپ اختيار ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڄاڻايل شخص آواز جو استعمال ڪندي ٽن پرڏيهي وزيرن ۽ ڪجهه آمريڪي سياستدانن سان رابطو ڪيو. رپورٽ موجب جون جي وچ واري عرصي ۾ هن شخص ڄاڻايل وزيرن، هڪ رياست جي گورنر ۽ ڪانگريس جي هڪ ميمبر سان ”سگنل“ نالي پيغام پهچائيندڙ ايپ ذريعي رابطو ڪيو. ٻن موقعن تي صوتي پيغام ڇڏيا هئا. جڏهن ته ٽئين موقعي تي هڪ لکت وارو پيغام موڪليو ويو جنهن ۾ هدف بڻايل شخص کي سگنل تي رابطي جي دعوت ڏني وئي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته امڪاني طور تي ان ڪارروائي جو مقصد هدف بڻايل ماڻهن کي مصنوعي ذهانت سان تيار ڪيل صوتي ۽ لکت واري پيغام ذريعي دوکو ڏيڻ هو ته جيئن معلومات يا اڪائونٽس تائين پهچ حاصل ڪري سگهجي. پرڏيهي وزارت جي اها رپورٽ جيڪا 3 جولاءِ تي جاري ڪئي وئي سمورن سفارتي ۽ قونصل خانن جي آفيسن ڏانهن موڪلي وئي. ان ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته عملو ٻاهرين شراڪتدارن کي جعلي اڪائونٽس ۽ شخصيت جي ڪوڙي روپ کان خبردار ڪري.