اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ اهڙن اهم شعبن ۾ سڌارا متعارف ڪرائي رهي آهي جن ۾ ٽيڪس سڌارا، توانائيءَ جو استحڪام، رياستي ادارن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ نجڪاري شامل آهن ته جيئن معيشت کي مستحڪم ۽ جٽادار بنيادن تي آڻي سگهجي. هن اهڙو اظهار قومي صحت جي خدمتن واري وزارت ۾ ضابطن ۽ هم آهنگي جي موضوع تي اسلام آباد ۾ رٿيل يومِ آزاديءَ جي هڪ اعليٰ سطحي تقريب کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي صحت وارو وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، رٿابندي وارو وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، ناليوارن مذهبي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ اعليٰ حڪومتي عهديدارن به شرڪت ڪئي. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ حڪومت هڪ جامع سڌارن واري ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي جنهن ۾ ٽيڪس نظام، توانائي، سرڪاري ادارن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ نجڪاريءَ جهڙا اهم شعبا شامل آهن. هن واضح ڪيو ته جيستائين پاڪستان آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ ۽ ماحولياتي تبديلي جهڙن ٻن وڏن وجودي خطرن جو اثرائتي نموني مقابلو نٿو ڪري سگهجي، تيستائين جٽادار معاشي ترقي ۽ 2047ع تائين 3 ٽريلين ڊالرن جي معيشت جو خواب حقيقت جو روپ نٿو ڌاري سگهي. وفاقي وزير پاڪستان ۾ 2.55 سيڪڙو جي سالياني آبادي جي شرح کي قومي شرح، معاشي منصوبا بندي ۽ سماجي بهبود لاءِ ڳڻتي قرار ڏنو. هن نشاندهي ڪئي ته ملڪ ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جي 40 سيڪڙو ٻارن جو قد ننڍو رهجي وڃي ٿو جيڪو پاڪستان جي ايندڙ نسلن جي قيادت لاءِ خطرو آهي. هن ان مسئلي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ هڪ مربوط ۽ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو جنهن ۾ غذائيت، صفائي، صاف پاڻي، ٻارن ۾ مناسب وقفو ۽ عوامي آگاهي شامل هجن، جڏهن ته ماهرن ۽ عالم سڳورن ان تقريب ۾ روشني وڌي. ناڻي واري وزير عورتن کي بااختيار بنائڻ جي اهميت تي زور ڀريو جيڪي ملڪ جي آباديءَ جو اڌ حصو آهن. هن چيو ته جٽادار ترقي لاءِ عورتن جي شرڪت اڻٽر آهي ۽ ٻارڙين جي تعليم ۾ پُٺتي رهجي وڃڻ جو خاتمو ۽ مهارت تي ٻَڌل تعليم ۾ سيڙپڪاري انتهائي ضروري آهي ته جيئن ملڪي معيشت ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. فنانس ڪميشن جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير تجويز ڏني ته قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ ۾ آباديءَ کي هڪ بنيادي معيار طور شامل ڪرڻ گهرجي. هن صحت ۽ رٿابندي واري وزيرن جي خيالن جي تائيد ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ لاءِ انساني ترقي جي وسيع اهڃاڻن کي پڻ نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن قومي بجيٽ سازي ۾ بنيادي تبديليءَ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته وفاقي ۽ صوبائي بجيٽ کي ڌار خانن ۾ ورهائڻ بدران هڪ قومي ۽ هڪجهڙو نقطهءِ نظر اختيار ڪرڻو پوندو. هن نشاندهي ڪئي ته موجوده مالي سال ۾ وفاقي ترقياتي بجيٽ هڪ ٽريلين رپيا جڏهن ته صوبن کي ملائي هي مجموعي طور 4.2 ٽريلين رپيا بڻجي ٿو، اصل چئلينج فنڊز جي دستيابي نه پر ان جي صحيح استعمال ۽ ترجيحن جو تعين آهي. سينيٽر اورنگزيب ترقياتي فنانسنگ ۽ ڊونر ڀائيواريءَ جي انداز ۾ تبديليءَ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. هن چيو ته ماضيءَ ۾ انفراسٽرڪچر کي عالمي امداد جو حصو ملندو رهيو، پر هاڻ وقت اچي ويو آهي ته انهن وسيلن کي انساني وسيلن جي ترقي خاص طور تي صحت، تعليم ۽ آباديءَ جي منصوبا بندي طرف منتقل ڪيو وڃي. هن ورلڊ بئنڪ سان پاڪستان جي 10 ساله ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ جو حوالو ڏيندي ٻُڌايو ته ان جي 6 مان 4 ٿنڀ آبادي ۽ موسمياتي تبديليءَ بابت آهن. هن ٻُڌايو ته ان معاهدي تحت 10 سالن ۾ تقريبن 20 ارب ڊالر يعني ساليانو 600 کان 700 ملين ڊالرن جي رقم آباديءَ وارن قدمن تي خرچ ڪئي ويندي. هن زور ڀريو ته انهن وسيلن کي صرف علامتي قدمن جهڙوڪ حمل ۾ رڪاوٽ وارين دوائن تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ تائين محدود رکڻ بدران جامع ۽ اثرائتي سيڙپڪاريءَ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. ناڻي واري وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت آباديءَ بابت چئلينجز کي ڊگهي مُدي، جٽادار بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ اندروني ۽ پرڏيهي وسيلن کي ڪتب آڻي هڪ صحتمند ۽ پيداواري قوم جي تعمير ڪئي ويندي.