واشنگٽن – 11 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 14 جولاءِ تي روس بابت وڏو فيصلو ٻڌائڻ جو اشارو ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن آمريڪي نشرياتي اداري کي انٽرويو ۾ چيو ته کيس روس تمام گهڻو مايوس ڪيو آهي ۽ ايندڙ ٻن هفتن ۾ ان بابت اهم اڳڀرائي ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته هو 14 جولاءِ سومر تي روس جي حوالي سان وڏو بيان ڏيڻ جو ارادو رکي ٿو.