واشنگٽن-11 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسان روس تي پابنديون لاڳو ڪرڻ واري فيصلي جي اختيار جي حوالي سان بل ڪانگريس مان منظور ڪرائي وٺنداسين. پرڏيهي ميڊيا موجب اين بي سي نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ آمريڪي صدر چيو ته ڪانگريس سخت پابندين جو اهو بل منظور ڪري وٺندي پر ان تي عملدرآمد سندن خواهش تي ئي ٿيندو، هي هڪ اهڙو بل آهي جنهن کي سينيٽ منظور ڪندو، جيڪو صدر کي مڪمل اختيار ڏي ٿو ته هو جيڪو چاهي ڪري. ياد رهي ته هي بل اپريل جي شروع ۾ ٻن پارٽين جي سينيٽرن جي هڪ گروپ پيش ڪيو، جنهن جي قيادت ريپبلڪن پارٽي جي لنزي گراهم ۽ ڊيموڪريٽ پارٽي جي رچرڊ بلومنٿال ڪري رهيا آهن، ان بل ۾ روس جي واپاري حصيدارن تي ثانوي پابندين جون تجويزون شامل آهن، مثال طور انهن ملڪن کان آمدني واپار تي 500 سيڪڙو تائين ٽيرف لاڳو ڪرڻ جيڪي روس کان تيل، گئس، يورينيم ۽ ٻيون شيون خريد ڪندا آهن.