گڏيل قومون-10 جولاءِ(اي پي پي) گڏيل قومن غزه ۾ وڏي پيماني تي فوتگين جي واقعن ۽ صحت جي سنگين بحران بابت خبردار ڪيو آهي. گڏيل قومن جي ترجمان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل هفتي دوران طبي عملي ۽ انهن جي ڪٽنبن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ غزه ۾ گڏيل قومن جا هيلٿ پارٽنرز انتهائي محدود وسيلن باوجود هنگامي سار سنڀال فراهم ڪري رهيا آهن . هن چيو ته غزه ۾ ماڻهو خوراڪ جي ڳولا ۾ آهن ۽ وڏي پيماني تي فوتگين جا واقعا رپورٽ ٿي رهيا آهن . هن چيو ته غزه ۾ اسپتالون ضروري طبي سامان سميت ٻارڻ جي کوٽ سبب دٻاءَ جو شڪار آهن . هن چيو ته اسرائيلي جنگ صحت جي ڪارڪنن تي پڻ تباهه ڪندڙ اثر ڇڏيا آهن . غزه جي صحت کاتي جي عملدارن موجب آڪٽوبر 2023 کان غزه ۾ 1500 کان وڌيڪ طبي عملي جا ڪارڪن فوت ٿي چڪا آهن .هن غزه ۾ ڪرانسگ ۽ راهدارين کي کولڻ جو مطالبو ڪيو ته جيئن ضرورتمند ماڻهن کي جتي هجن اتي امداد جي لڳاتار ۽ وڏي پيماني تي ورهاست کي يقيني بڻايو وڃي . هن چيو ته خطرناڪ بيمارين جي ڦهلجڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته غزه ۾ پاڻي جا 10 کوهه ٻارڻ جي کوٽ سبب ڪم ڪرڻ بند ڪري چڪا آهن جڏهن ته 25 صرف جزوي طور تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ جلد ئي بند ٿي سگهن ٿا.