باسيتير-10 جولاءِ (اي پي پي)پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر محمد سليم ڪيريبئين ملڪ سينٽ ڪرسٽوفر (سينٽ ڪٽس) اينڊ نيوس فيڊريشن جي گورنر جنرل ڊيم مارسيلا اي ليبرڊ کي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. گورنمينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيل تقريب ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر محمد سليم پاڪستاني قيادت ۽ عوام پاران گورنر جنرل ۽ سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس جي عوام کي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. جڏهن ته هن سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس سان متحرڪ ۽ مستقبل جي حوالي سان لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪندي بهتر سهڪار جي گڏيل فائدن تي زور ڀريو. ڪينيڊا جي گادي واري شهر اوٽاوا ۾ رهندڙ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر محمد سليم کي هڪ ئي وقت سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس ۾ پاڪستان جي نان ريذيڊنٽ هاءِ ڪمشنر طور تسليم ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۽ سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس وچ ۾ سفارتي لاڳاپا جنوري 2024ع ۾ قائم ٿيا هئا. پاڪستاني هاءِ ڪمشنر محمد سليم پاڪستان جو پهريون ايلچي آهي جنهن کي فيڊريشن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. سندون پيش ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن ۾ هڪ تاريخي سنگ ميل جي نشاندهي ٿئي ٿي ۽ ان قدم سان ايندڙ سالن ۾ بهتر لاڳاپن لاءِ راهه هموار ٿيندي.