اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان ميٽا جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي جنهن جي قيادت ڏکڻ ۽ وچ ايشيا لاءِ ميٽا جي ڊائريڪٽر پبلڪ پاليسي صارم عزيز ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ڊجيٽلائيزيشن کي هٿي ڏيڻ، مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي ڪردار ۽ عوامي شعبي ۾ ڪم جا بهترين طريقا اختيار ڪرڻ ۽ ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ بابت معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير پاڪستان حڪومت جي ”ڊجيٽل پاڪستان“ ويزن کي اجاگر ڪندي ٻڌايو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هر هفتي قومي سطح تي ڪيش ليس معيشت جي اڳڀرائي جو ذاتي طور تي جائزو وٺندو آهي. هن چيو ته ڊجيٽل پاڪستان جي جوڙجڪ وزيراعظم جي ويزن ڊجيٽل نيشن پاڪستان جو اهم ٿنڀ آهي جنهن جو مقصد جديد ٽيڪنالاجي ذريعي طرز حڪمراني، عوامي خدمتن جي فراهمي ۽ اقتصادي ڍانچي کي موثر بڻائڻ آهي. ميٽا جي وفد وفاقي وزير کي ڪمپني جي مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ تازي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ ايل ايل اي ايم اي جهڙن اوپن سورس ماڊلز، جينيريٽيو اي آءِ جي عوامي شعبي ۾ اپليڪيشنز ۽ اردو سميت مقامي ٻولين ۾ اي آءِ ماڊلز جي تياري شامل آهي. ٻنهي وفدن گڏيل تربيتي پروگرامن خاص ڪري استادن جي تربيت ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ مصنوعي ذهانت جي استعمال، ڊجيٽل مهارتن جي واڌ ويجهه ۽ حصيدارين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته پاڪستان جي ڊجيٽل ايڪو سسٽم جي ترقي ۾ پبلڪ – پرائيويٽ حصيداري اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.