ڪوالالمپور – 10 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سريلنڪا جي پرڏيهي وزير وجيٿا هيراٿ سان ڪوالالمپور ۾ 32هين آسيان علائقائي فورم جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻنهي وزيرن مستحڪم پاڪستان – سريلنڪا لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن خاص طور تي اعليٰ سطح جي مٽاسٽا، اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ، مذهبي سياحت ۽ تعليمي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن خطي جي تازي اڳڀرائي سميت ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.