ماسڪو – 10 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت خاص معاون سفير سيد طارق فاطمي ماسڪو ۾ روس جي توانائي بابت اول نائب وزير پاول سوروڪن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب روسي فيڊريشن جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران خاص معاون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ جاري تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو جڏهن ته ان اهم شعبي ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي يقين جو اظهار پڻ ڪيو. وڌيڪ اهو ته هن پاڪستان جي توانائي جي تحفظ کي يقيني بنائڻ ۾ روس جي تعاون تي توانائي بابت اول نائب وزير جا ٿورا پڻ ادا ڪيا. ملاقات دوران ڌرين توانائي جي شعبي ۾ حڪومتن ۽ نجي شعبن جي فعال شموليت کي پڻ اجاگر ڪيو. خاص معاون طارق فاطمي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته توانائي پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ تعاون جي اهم ترجيحي شعبن مان هڪ آهي. ان موقعي تي هلندڙ سال فيبروري ۾ پنهنجي ڪامياب پاڪستان جي دوري جو حوالو ڏيندي روسي فيڊريشن جي توانائي بابت اول نائب وزير چيو ته منهنجي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پڻ ملاقات ٿي هئي. پاور سوروڪن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ بهترين تعاون جو اعتراف به ڪيو. هن مستقبل ۾ هائيڊرو پاور، ايل پي جي ۽ آئل ريفائنرين جي جديدڪاري جي حوالي سان مستقبل ۾ گڏيل تعاون جي ٻين موزون شعبن جي نشاندهي پڻ ڪئي. هن اهو به چيو ته روس توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي جيڪو هلندڙ سال اسلام آباد ۾ ٿيندڙ واپار، اقتصادي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون تي پاڪستان – روس بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جي 10هين اجلاس جي ايجنڊا ۾ هڪ اهم عنصر هوندو. روس توانائي بابت اول نائب وزير سان وزيراعظم جي خاص معاون سيد طارق فاطمي جي ملاقات انتهائي تعميري ۽ ڪارائتي رهي. ان دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ گڏيل تعاون تي زور ڏنو ويو.