چنگ ڊائو-10 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان شنگهائي سهڪار تنظيم جي وزارتي اجلاس ۾ نهايت فعال، باوقار ۽ مربوط شرڪت ذريعي دنيا کي پنهنجي پرڏيهي پاليسين جي نون رخن کان روشناس ڪرايو جڏهن ته ڀارت هڪ دفعو ٻيهر عالمي سطح تي سفارتي اڪيلائي جو شڪار نظر آيو. پاڪستان جي نمائندگي وزيراعظم جي ثقافت ۽ قومي ورثي بابت صلاحڪار ۽ مملڪتي وزير حذيفه رحمان ڪئي. هن اجلاس کي خطاب پڻ ڪيو ۽ عالمي اڳواڻن ۽ وزيرن سان ٻطرفين ملاقاتن ذريعي پاڪستان جي ثقافتي سفارتڪاري کي هڪ نئون رخ ڏنو. اجلاس کي خطاب ڪندي حذيفه رحمان چيو ته پاڪستان شنگهائي سهڪار تنظيم سان هر سطح تي حصيداري ۽ گڏيل ترقي جي موقعن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. چين رڳو اسان جو پاڙيسري ملڪ نه پر اسان جي دلين جي ويجهو ترين حصيدار آهي، اسان ايس سي او کي هڪ بااعتماد، پرامن ۽ ترقي يافته پليٽ فارم بڻائڻ لاءِ سمورن ميمبر ملڪن سان گڏ قدم سان قدم ملائي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا. مملڪتي وزير علائقائي رابطن، گڏيل ثقافتي ورثي جي تحفظ، گڏيل سياحت ۽ تعليمي ۽ تخليقي شعبن ۾ حصيداري جهڙن موضوعن تي جامع نقطا پيش ڪيا. ان موقعي تي حذيفه رحمان جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين نه رڳو پاڙيسري ملڪ آهن پر هڪٻئي جي دلين ويجهو برادر ملڪ آهن، عالمي فورمن تي چين جو سهڪار اسان لاءِ فخر جوڳو ۽ اعتماد جو ذريعو آهي، اسان چاهيون ٿا ته ثقافت ۽ سياحت جهڙن پرامن ذريعن سان خطي ۾ پائيدار هم آهنگي کي هٿي وٺرائي وڃي.