اسلام آباد– 10 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪوالالمپور ۾ 32هين آسيان علائقائي فورم جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي لائو پيپلز ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ (لائوس) جي پرڏيهي وزير ٿنگ سوانا پوميوني سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ان موقعي تي ڌرين جاري ٻطرفي مصروفيتن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم، سياحت ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.