اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان پاڪستان ۾ ايران جي سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجوده لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا گهرا، دوستاڻا ۽ مذهبي لاڳاپا آهن جن ۾ انشاءَ الله وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ واڌ ٿيندي. عبدالعليم خان، رضا اميري مقدم سان ملاقات ۾ اسرائيل- ايران جنگ ۾ شهيد ٿيل ايراني شهرين ۽ آفيسرن جي درجن جي بلنديءَ لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ايران جي سفير، وفاقي وزير جو ٿورو مڃيندي چيو ته سندس ملڪ پاڪستاني حڪومت، عوام ۽ـ ميڊيا جي حمايت تي شڪرگذار آهي. هن چيو ته ايران يهودين جي ذهنيت ۽ ڪاررواين جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو ۽ ڪاميابي الله تعاليٰ جي مهربانين مان خاص هئي. ملاقات ۾ ڳالهائيندي ٻنهي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ايران کي ان جنگ دوست ۽ـ دشمن جي سُڃاڻپ ڪرائي ۽ خاص ڪري سڄي دنيا ۾ ڀارت ۽ اسرائيل جي اصليت وائکي ٿي وئي. وفاقي وزير ايران کي هر ممڪن تعاون جي آڇ ڪندي چيو ته سندس وزارت مواصلات جي شعبي ۾ بهتريءَ لاءِ گڏيل قدم کڻندي ۽ ايران سان ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي.