اسلام آباد– 10 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته ملڪ ۾ اي ڪامرس کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ ۽ اي ڪامرس پليٽ فارمز تي مصنوعات وڪرو ڪندڙ پاڪستاني ڪاروبارن جي انگ ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي اي ڪامرس ڪمپني علي بابا گروپ جي انٽرنيشنل مارڪيٽس جي صدر جيمز ڊونگ جي قيادت ۾ 6 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ اي ڪامرس کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته علي بابا گروپ جهڙي اي ڪامرس پليٽ فارمز تي هن وقت 3 لک کان وڌيڪ پاڪستاني مقامي طور تي تيار ڪيل مصنوعات وڪرو ڪري رهيا آهن. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اي ڪامرس پليٽ فارمز تي مصنوعات وڪرو ڪندڙ پاڪستاني ڪاروبارن جي انگ ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته موجوده دور ۾ اي ڪامرس روانگي واپار ۾ چڱي اضافي جو هڪ تمام وڏو ذريعو آهي، اي ڪامرس حڪومت جي روانگي واپار تي ٻڌل معيشت جي ويزن جي تڪميل جي عمل جو هڪ انتهائي اهم عنصر آهي. جيمز ڊونگ عالمي سطح تي اي ڪامرس جي ذريعي واپار ۾ پاڪستاني ڪاروباري برادري جي اهم ڪردار کي ساراهيو. جيمز ڊونگ چيو ته هن وقت علي بابا ويب سائيٽ تي 3 لک کان وڌيڪ پاڪستاني مقامي طور تي تيار ڪيل مصنوعات وڪرو ڪري رهيا آهن، علي بابا جي پليٽ فارم تي پاڪستاني ٽيڪسٽائيل مصنوعات جي گهرج ۽ وڪرو سڀ کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اي ڪامرس کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لامحدود صلاحيت موجود آهي. جيمز ڊونگ علي بابا گروپ تي پاڪستاني واپارين جو انگ وڌائڻ جي لاءِ انٽر پرينيورز جي اي ڪامرس ۾ فني تربيت ۾ گهري دلچسپي جو پڻ اظهار ڪيو. ملاقات ۾ آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.