راولپنڊي-10 جولاءِ (اي پي پي) ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ان عزم جو اظهار ڪيو ته اسان جي شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو، پاڪستان جي عوام جو تحفظ ۽ سلامتي هٿياربند فوج جي پهرين ترجيح آهي، فورم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڀارتي حمايت يافته ۽ اسپانسرڊ پراڪسيز خلاف هر سطح تي فيصلائيتون ۽ جامع ڪارروايون جاري رکڻ لازم آهن. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشانِ امتياز (ملٽري) جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس منعقد ٿي. فورم ڀارتي حمايت يافته پراڪسيز هٿان هاڻوڪي دهشتگرداڻن حملن ۾ شهيد ٿيلن جي روحن کي ثواب پهچائڻ لاءِ فاتحه خواني ڪئي. فورم دهشتگرد پراڪسيز خلاف فورسز جي هاڻوڪي ڪاميابين جو جائزو ورتو. فورم ان عزم جو اظهار ڪيو ته اسان جي شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو، پاڪستان جي عوام جو تحفظ ۽ سلامتي هٿياربند فوج جي پهرين ترجيح آهي. فورم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڀارتي حمايت يافته ۽ اسپانسرڊ پراڪسيز خلاف هر سطح تي فيصلائتيون ۽ جامع ڪارروايون جاري رکڻ لازم آهن. پهلگام واقعي ۾ شڪست کانپوءِ ڀارت هاڻ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي پراڪسيز ذريعي پنهنجي ناپاڪ ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. آرمي چيف، وزيراعظم سان ايران، ترڪيه، آذربائيجان، سعودي عرب ۽ يو اي اي جي هاڻوڪن ڪامياب دؤرن تي پاڪستان جي فعال سفارتي ڪردار جا تفصيل فورم کي آگاهه ڪيو. فورم کي آرمي چيف جي تاريخي ۽ منفرد آمريڪا واري دؤري بابت بريفنگ ڏني وئي. آمريڪا جي دؤري دوران اعليٰ سطحي آمريڪي قيادت کي پاڪستان جا ٻه طرفه معاملا، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو بامقصد مؤقف سڌيءَ ريت پيش ڪيو ويو. فورم وچ اوڀر ۽ ايران جي هاڻوڪي اڳڀرائي جي روشنيءَ ۾ داخلي ۽ خارجي سلامتي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ طاقت جي استعمال جي وڌندڙ عالمي رجحان کي بحيثيت هڪ ترجيحي پاليسيءَ جي ذريعي طور استعمال ڪرڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. فورم چيو ته هي بدلجندڙ رجحان پاڪستان لاءِ نه صرف پاڻڀرو ٿيڻ جي صلاحيتن کي وڌائڻ پر قومي اتحاد ۽ عزم جي اهميت کي اڻٽر ڪري ٿو. آرمي چيف چيو ته ڀارت طرفان ٻه طرفي فوجي ڇِڪتاڻ ۾ ڪنهن ٽين ڌُر کي شامل ڪرڻ ڀارت جي بلاڪ تي ٻَڌل سياست کي هٿي ڏيڻ جي بي بنياد ڪوشش آهي، ان مڪروه ڪوشش جو مقصد ڀارت جو خطي ۾ نيٽ ورڪ سيڪيورٽي پرووائيڊر جي خود ساخته ڪردار کي گمراهه طور پيش ڪرڻ آهي، درحقيقت دنيا واضح طور تي ڀارت جي توسيعي پسنداڻن عزمن ۽ هندو پرست انتهاپسنديءَ خلاف رجحانن کان بدظن ٿيندي پئي وڃي. فورم کي جنگ جي بدليل نوعيت ۽ اُڀرندڙ خطرن کي نظر ۾ رکندي پاڪ فوج جي حڪمت عملي ۽ جدت بابت بريف ڪيو ويو. آرمي چيف ٽنهي فوجن وچ ۾ هم آهنگيءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ پاڪ بحريه ۽ پاڪ فضائيه جي قيادت کي پڻ ساراهيو. ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي آرمي چيف ملڪ کي درپيش خطرن خلاف پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.