اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي واپار بابت خاص مددگار راڻا احسان افضل خان اسلام آباد ۾ واپار واري وزارت ۾ آل پاڪستان ٽيڪسٽائيل ملز ايسوسيئيشن (اي پي ٽي ايم اي) ۽ پاڪستان ڪارپيٽ مينوفيڪچرز اينڊ ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن جي وفد سان هڪ اهم ملاقات ڪئي، جاري ڪيل پريس رليز موجب اي پي ٽي ايم اي جي نمائندن خاص مددگار کي ڪاروبار جي وڌندڙ خرچن، خاص طور تي علائقائي حريفن جي ڀيٽ ۾ ٽيڪسٽائيل جي شعبي کي درپيش توانائي جي وڌندڙ اگهن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي روانگي واپار جي سنگ بنياد طور ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن ٽيڪسٽائيل جي اسٽيڪ هولڊرز کي واپاري ماحول بهتر بڻائڻ ۾ وزارت پاران مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. هن ان اميد جو پڻ اظهار ڪيو ته وزارت جي سربراهي ۾ آمريڪا سان جاري ٽيرف ڳالهيون پاڪستان جي روانگي واپار ڪندڙن لاءِ مثبت نتيجن جو سبب بڻجنديون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٽيڪس جو بار قالين جي صنعت جي ترقي ۽ ايڪسپورٽ جي صلاحيتن کي محدود ڪري رهيو آهي، راڻا احسان افضل ان مسئلي جي حل لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان فعال طور تي ڳالهين لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ وفدن کي خاطري ڪرائي ته ايڪسپورٽ جي شعبن کي سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.