اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي ناڻي وزارت جي وفد امڪاني سيڙپڪارن، انڊر رائٽرز، امڪاني ضمانت ڏيندڙن، چين جي ريٽنگ ايجنسين ۽ چين جي قانوني صلاحڪارن سان ٽيڪينڪل ڳالهيون ڪيون آهن، ريگوليٽري عمل، ڪريڊٽ جي تحفظ بابت لاڳاپيل انتطامن ۽ سيڙپڪارن جي دلچسپي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته انهن ملاقاتن ۾ پاڪستان جي گڏيل معاشي صورتحال ۽ مستقبل جي امڪانن، قرضن جي انتظامن بابت جاري سڌارن ۽ تجويز ڪيل پانڊا بانڊ ٽرانزيڪشن جي ڍانچي ۽ اڳڀرائي تي ڌيان رهيو.هن چيو ته ان غير واپاري روڊ شو کي شروعاتي طور تي سيڙپڪارن پاران خاص دلچسپي حاصل ٿي جيڪا پاڪستان جي سڌارن تي اعتماد ۽ عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ ان جي وڌندڙ ساک جي عڪاسي ڪري ٿي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو دورو سيڙپڪارن سان فعال رابطن ۽ چين جي مقامي ڪيپيٽل مارڪيٽ تائين پهچ ذريعي فنڊنگ جي ذريعن ۾ تنوع پيدا ڪرڻ جي حڪومتي عزم جي نشاندهي ڪري ٿو. پانڊابانڊ پهريون ڀيرو هلندڙ سال جاري ڪرڻ جو امڪان آهي، جيڪو سمورن دستاويزن جي مڪمل ٿيڻ، گهربل منظورين ۽ ترقياتي حصيدارن پاران ڪريڊٽ گارنٽي کانپوءِ عمل ۾ آندو ويندو. هن وقت تائين ان روڊ شو جي ڪاميابي حڪومت جي ان عزم جي عڪاسي ڪري ٿي جيڪا جديد ۽ مستقبل بين المالياتي سفارتڪاري تي ٻڌل آهي ۽ هڪ واضح پيغام ڏي ٿي ته پاڪستان اعتماد ۽ ساک سان نئين سيڙپڪاري مارڪيٽن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار آهي.