واشنگٽن – 10 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽرانسپورٽيشن واري سيڪريٽري شون ڊفي کي ناسا جو وقتي سربراھه مقرر ڪري ڇڏيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ٽروٿ سوشل ميڊيا تي پوسٽ ۾ چيو آهي ته مون کي اھو اعلان ڪندي خوشي ٿي رھي آھي ته مان پنھنجي ٽرانسپورٽيشن جي عظيم وزير شون ڊفي کي ناسا جو عارضي ايڊمنسٽريٽر بڻائڻ جي ھدايت ڪري رھيو آھيان. ھن وڌيڪ چيو ته شون ڊفي ناسا لاءِ لاجواب قيادت ثابت ٿيندو. واضح رھي ته جون مهيني جي شروعات ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ ناسا جي ڊائريڪٽر جي عھدي لاءِ ارب پتي خلائي سياح جيرڊ آئزڪ مين جي نامزدگي واپس ورتي ھئي. اپريل جي پڄاڻي تي آمريڪا جي سينيٽ جي ڪامرس، سائنس ۽ ٽرانسپورٽيشن بابت ڪمپني آئزڪ مين کي ايجنسي جي سربراھه طور تصديق ڪرڻ جي سفارش ڪئي ھئي.