برلن-10 جولاءِ (اي پي پي) عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي(آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي چيو آهي ته جرمني وٽ اهڙا سمورا وسيلا ۽ فني صلاحيت موجود آهي ته هو ڪجهه مهينن ۾ ايٽمي هٿيار تيار ڪري سگهي ٿو. پرڏيهي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ رافيل گروسي چيو ته جرمني کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ لاءِ وڌيڪ وقت گهربل نه هوندو، هو اهو ڪم مهينن ۾ ڪري سگهي ٿو. هن وڌيڪ وضاحت ڪئي ته جرمني وٽ ضروري ايٽمي مواد ۽ گهربل ٽيڪنالاجي موجود آهي ۽ ان کي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ اچي ٿو. جيتوڻيڪ رافيل گروسي چيو ته ايٽمي هٿيارن جي عدم پکيڙ بابت عالمي معاهدي تي عملدرآمد يورپي ملڪن جي پنهنجي مفاد ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته عالمي لاڳاپن ۾ ڪو به ملڪ، خاص ڪري طاقتور رياستون، قرباني يا ايثار جي اصول تي ناهن پر پنهنجي مفاد جي بنياد تي فيصلا ڪن ٿيون. هن واضح ڪيو ته يورپي ملڪ ان نتيجي تي پهچي چڪا آهن ته جيڪڏهن دنيا جي هر ملڪ کي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ته اها انسانيت کي تباهي ڏانهن وٺي ويندي.