اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان مالي سال 25-2024ع جي پڄاڻي رڪارڊ ترقياتي خرچن سان ڪئي، سخت مالي حالتن باوجود ترقياتي خرچ ۾ تاريخي سنگ ميل عبور ڪيو ۽ 1146 ارب روپيا خرچ ڪندي ملڪي تاريخ جي بلند ترين ترقياتي سيڙپڪاري جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي. ماهوار ترقياتي رپورٽ جي مهورت واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان هڪ هزار ارب روپين کان وڌيڪ جي رقم ترقياتي مد ۾ خرچ ڪئي، حڪومت اٽڪل 1146 ارب روپيا ترقياتي خرچن جي مد ۾ خرچ ڪيا، جيڪا ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح آهي. وفاقي وزير چيو ته اهو هڪ فخر جو لمحو آهي ۽ قومي ترقي کي پهرين ترجيح ڏيڻ جي عزم جو ثبوت آهي. پهريون ڀيرو پاڪستان پنهنجي ترقياتي بجيٽ جي اعليٰ سطح تي استعمال کي يقيني بڻايو آهي. هن چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام جو اصل هدف 1400 ارب روپيا هو، جيڪو معاشي دٻاءُ سبب گهٽجي 1100 ارب روپين تائين اچي ويو، جڏهن ته ان مان 95 سيڪڙو کان وڌيڪ بجيٽ اثرائتي طريقي سان استعمال ڪئي وئي، هن چيو ته اها ڪارڪردگي ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿي ته حڪومت واقعي ترقي دوست حڪومت آهي، سمورين وزارتن ۽ منصوبابندي ۽ ترقي جي ٽيمن غير معمولي جذبي سان ڪم ڪيو، هن چيو ته هلندڙ سال ترقياتي بجيٽ استعمال نه ڪئي وڃي ها ته ايندڙ مالي سال تي مالي بار منتقل ٿي وڃي ها، پي ايس ڊي پي جو ڳاڻيٽو وڌيڪ گهٽ ڪري هڪ هزار ارب روپيا ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اسان وٽ اها گنجائش نه هئي ته 200 کان 300 ارب روپيا خرچ ڪرڻ کانسواءِ ڇڏي ڏجن، ڇاڪاڻ ته ان سان ترقياتي منصوبن تي بار وڌي وڃي ها.جڏهن ته اسان نظم ۽ ضبط ۽ گڏيل سهڪار ذريعي ان صورتحال کان بچڻ ممڪن بڻايو. وفاقي وزير احسن اقبال ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۾ معيشت جي رواني جو سڀ کان وڏو ذريعو سرڪاري ترقياتي سيڙپڪاري آهي، جڏهن حڪومت يونيورسٽين، روڊن، توانائي ۽ پاڻي جهڙن بنيادي ڍانچي وارن منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪندي آهي ته ان سان تعميراتي شعبا، لاجسٽڪس، سيمنٽ ۽ مٽريل انڊسٽري ۾ ترقي ايندي آهي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا آهن ۽ خانگي شعبا به پڻ سيڙپڪاري ڪندا آهن، هن ان ڪاميابي کي وزيراعظم شهباز شريف جي فليگ شپ منصوبي اڏام پاڪستان تحت معيشت جي مثبت تبديلي سان جوڙيو، هن چيو ته اڏام پاڪستان تحت اسان معيشت ۾ هڪ هاڪاري موڙ ڏسي رهيا آهيون جنهن جي سڀ کان وڏين نشاني مان هڪ نشاني مهانگائي جي شرح آهي جيڪا گهٽجي 4.5 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، جيڪا گذريل 9 سالن جي گهٽ ترين سطح آهي.