اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته غزه جي صورتحال تي عالمي برادري جي ضمير کي جهنجهوڙڻ لاءِ آواز بلند ڪندا رهنداسين ۽ پاڪستان اسرائيل کي تسليم نه ڪندو. فلسطين جي سفير ڊاڪٽر زهير محمد حمد الله زيد سان مذهبي معاملن واري وزارت ۾ ملاقات دوران وفاقي وزير چيو ته غزه ۾ هٿين خالي شهرين خاص ڪري ٻارن ۽ عورتن تي بمباري سان اسان جي دل ڏکوئيل آهي. او آءِ سي جي پليٽ فارم تي فلسطين اولين ايجنڊا هجڻ گهرجي، اسان جي خواهش آهي ته مڪي شريف ۽ مديني منوره وانگر قبله اول بيت المقدس جو آزاداڻو سفر ڪريون. فلسطيني سفير چيو ته پاڪستان جي مسلسل ۽ بي لوث حمايت کي فلسطيني قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. پاڪستان مان ڊگري حاصل ڪندڙ فلسطين جا شاگرد اهم عهدن تي فائز آهن. قبله اول اسرائيل جي غير قانوني قبضي ۾ آهي. فلسطيني عوام مسجد الاقصيٰ جي آزادي لاءِ پنهنجي جان، مال ۽ خاندان قربان ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. فلسطيني صدر جي صلاحڪار ڊاڪٽر محمود الهباش، مسجد الاقصيٰ جي امام سان گڏ جلد پاڪستان جو دورو ڪندو.